مذهبي مامرن واري وزارت رجب جي چنڊ بابت اپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سڄي مُلڪ ۾ رجب المرجب 1444 هجري جو چنڊ نظر ناهي آيو.

مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخيبر آزاد جي صدارت هيٺ رجب جو چنڊ ڏسڻ لاءِ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ مُلڪ ۾ ڪٿي به چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون نه مليون آهن.

مذهبي مامرن واري وزارت موجب سڄي مُلڪ ۾ رجب جو چنڊ نظر ناهي آيو، پهرين رجب 24 جنوري اڱاري تي ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.