اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اهڙي عمل کي مسلمانن جا جذبا مجروح ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته سوئيڊن ۾ ساڄي ڌر جي انتهاپسند پاران قرآن پاڪ جي بي حرمتي جهڙي ڪُڌي فعل جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي.
No words are enough to adequately condemn the abhorrable act of desecration of the Holy Quran by a right-wing extremist in Sweden. The garb of the freedom of expression cannot be used to hurt the religious emotions of 1.5 billion Muslims across the world. This is unacceptable.
— Shehbaz Sharif (@CMShehbaz) January 22, 2023
هن وڌيڪ چيو ته اظهار جي آزاديءَ جي نالي کي سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڏيڍ ارب مسلمانن جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي.