احسن اقبال ايندڙ عام چونڊن جو طريقيڪار واضح ڪري ڇڏيو

نارووال ( ويب ڊيسڪ ) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ ۾ نئين آدشماري ٿي رهي آهي ۽ ٽيهه اپريل تائين ان جا نتيجا اچي ويندا، ايندڙ چونڊن نئين آدمشماري تحت ٿينديون.

نارووال اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته عمران خان گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پاڻ فيصلو ڪري ويو، ايندڙ چونڊون نئين آدمشاري تحت ٿينديون، آئيني ۽ انتظامي طور تي چونڊون آڪٽوبر ۾ ٿيڻون آهن پر اِهو فيصلو اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت پاڪستان جي معيشت ۽ سي پيڪ کي بدترين سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ، موجودا حڪومت معيشت جي بحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي.

وفاقي وزير احسن اقبال وڌيڪ چيو ته سال 2018ع ۾ نارووال اسپورٽس ڪمپليڪش جو نوي سيڪڙو ڪم مڪمل ٿيو، باقي ڪم لاءِ ستر ڪروڙ گهربل هئا پر چئن سالن تائين فنڊز روڪيا ويا، هاڻي ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻه ارب چاليهه ڪروڙ رُپيا گهربل آهن،منصوبي جي  اضافي لاڳت عمران نيازي کان وٺنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.