ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ مبينا جعلي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نقيب الله محسود جي وارثن جي وڪيل ۽ سماجي اڳواڻ جبران ناصر الزام لڳايو آهي ته رياست جي پوري ڪوشش آهي ته رائو انوار ۽ سندس ٽيم کي بري ڪرايو وڃي.
جبران ناصر ڪراچي ۾ گرينڊ جرگه جي عهديدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نقيب الله کي ناجائز قتل ٿئي پنج ورهيه وهامي ويا آهن، 23 هين جنوري تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس جو فيصلو اچڻ وارو آهي.
هن چيو ته ڪيس ۾ نامزد ست پوليس آفيسرن اڃا تائين روپوش آهن، رياست جي پوري تياري آهي ته رائو انوار ۽ سندس ٽيم کي بري ڪرايو وڃي.
هن الزام هڻندي چيو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن خلاف سمورو رڪارڊ پڻ ختم ڪيو ويو آهي، رائو انوار کي ايتريون سهولتون ڇو ڏنيون ويون آهن؟ سندس پنهنجي ئي گهر کي سب جيل بڻايو ويو آهي، هو سڀني جو لاڏلو آهي.