پي ڊي ايم به عام چونڊن ۾ دير جو اشارو ڏئي ڇڏيو

هنگو( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته معاشي حالتون بهتر نه ٿيون ته چونڊن  ۾ دير ٿي سگهي ٿي.

هنگو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ حمدالله چيو ته معاشي حالتون ٺيڪ نه ٿيون ته چونڊن ۾ 6 مهينا ملتوي ٿي سگهن ٿيون  جڏهن ته عام چونڊون آڪٽوبر 2023ع ۾ ٿينديون.

هن پي ٽي آءِ چيئرمين تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ملڪ کي معاشي طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هو ويندي ويندي پاڪستان جا معاشي طور هٿ پير ٻڌي ويو، آئين ۽ اسيمبلين کي ٽوڙڻ آمرن جو ڪم آهي.

حافظ حمدالله چيو ته پاناما کي بهانو  بڻائي نواز شريف کي نااهل ڪري هڪ نئون سياسي ڇڪتاڻ پيدا ڪيو ويو ۽ پي ٽي آءِ کي زور زبردستي مڙهيو ويو.

هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم بي اعتمادي واري رٿ ذريعي حڪومت ختم ڪئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ زور زبردستي سان مڙئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.