پنج ڪردارن رياست کي سفارتي، معاشي ۽ مالي طور نقصان پهچايو: جاويد لطيف

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته نواز شريف رياست لاءِ اڻڳڻيون قربانيون ڏنيون، هاڻي هو وڌيڪ قربانيون نه ڏيندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ميان جاويد لطيف چيو ته نواز شريف ذاتي تڪليفون وساري اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪئي، هن نه پهريان گارنٽي ورتي نه اڄ گهري ٿو، ڇا نواز شريف هر هر قرباني ڏيندو رهندو؟

هن چيو ته 2017ع ۾ اسان چوندا هئاسين ته ٽرٿ ڪميشن جوڙي وڃي، جڏهن ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو ته پوءِ ٽرٿ ڪميشن جو ڪهڙو مطلب، اڃا ڇا ڏسڻو آهي، نومبر 2022ع تائين سرعام سرپرستي ڪئي ويندي ، (ر) جنرل قمر جاويد باجوا، رٽائرڊ جنرل فيض حميد ۽ عمران خان اڄ به هڪ ٻئي جا حامي بڻيل آهن، قوم جي سامهون نورا ڪشتي کيڏي پئي وڃي.

هن چيو ته ڇا سازشي خط جي ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ چيف کي خبر نه هئي ته اِهو ڪوڙو آهي؟ ڇا کيس پنڪي ۽ فرح گوگي جي ڪرپشن جو پتو نه هيو؟ ڇا صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ ڏيندي ثاقب نثار کي خبر نه هئي ته عمران خان پلي بواءِ آهي؟

وفاقي وزير مطالبو ڪندي چيو ته 2017ع جي ڪردارن جي کيسي ۾ پئسا ڪڍيا وڃن، پنج ڪردارن رياست کي سفارتي، معاشي ۽ مالي طور نقصان پهچايو، نواز شريف کي هر هر احتساب، ميڊيا ٽرائل مان گذاريو ويو.

سندس چوڻ هو ته عمران خان کي اڄ به مشهور ڪنهن جي ضرورت آهي، رياست کي نقصان رسائڻ وارن کي عبرت جو نشان بڻائي نواز شريف کي آڻڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.