عمران جي سياسي خودڪشي، چونڊن جي بائيڪاٽ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  پنجاب ۾ محسن رضا نقوي جي نگران وڏي وزير مقرر ٿيڻ واري امڪان ۽ 27 جنوري تي مريم نواز جي واپسي واري اطلاع کانپوءِ عمران خان سياسي خودڪشيءَ جهڙو صوبائي چونڊن جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو آهي.

نامياري صحافي موجب عمران خان غير منطقي ۽ غير سياسي فيصلن سبب سياسي طور مسلسل ناڪام ٿي رهيو آهي. قومي اسيمبليءَ مان استعيفائون ڏئي پارلياماني  فورم وڃائي ويٺو. پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽوڙي پنهنجيون حڪومتون پاڻ ختم ڪري ويٺو.

نگران وڏي وزير لاءِ احمد  نواز سکيرا ۽ نديم اڪرم چيمه جا نالا ڏئي غلطي ڪري ويٺو ڇو ته نواز سکيرا هن وقت به سيڪريٽري جي عهدي تي مقرر آهي. ان ڪري نگران وڏو وزير نه ٿو ٿي سگهي.

نديم اڪرم چيمه ٻٽي  شهريت رکندڙ آهي. ساڳي طرح  مخالف ڌر جيڪي نالا ڏنا انهن ۾ احد چيمه جي رٽائر مينٽ کي اڃا ٻه سال مڪمل نه ٿيا آهن. ان ڪري قانوني طور عهدي لاءِ اهل نه آهي.  باقي ٻيو نالو آهي محسن نقوي جو جنهن جي مقرريءَ  جا امڪان آهن. پر عمران خان اڳ ئي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته  اهو نگران وڏو وزير کيس قبول نه آهي. ۽ ان جي نگرانيءَ  ۾ ٿيندڙ چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو. جڏهن ته مريم نواز جي آمد به عمران خان لاءِ خوف جي علامت آهي.

هوڏانهن  ڪجهه حلقن جو اهو به چوڻ آهي ته نگران حڪومتون 90 ڏينهن لاءِ نه پر عام چونڊن تائين رهنديون. ڇو ته مردم شماري ٿيڻي آهي نيون تڪبنديون ٿيڻيون آهن.

انهن بعد عام چونڊن جو فيصلو ڪيو ويندو ۽  تيستائين  نگران حڪومتون ڪم ڪنديون رهنديون اهو به چيو پيو وڃي ته عام چونڊون به مقرر وقت کان سال پوءِ ٿي سگهن ٿيون، ائين ٿيون ته عمران خان ته سياسي طور تباهه ٿي ويندو.

نوٽ: گوهر بٽ جو هي تجزيو روزاني عوامي آواز آچر 23-01-22 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.