لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪيلفورنيا ۾ نئين چيني سال جي حوالي سان ٿيل هڪ تقريب ۾ فائرنگ سبب گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب لاس اينجلس جي مانٽيري پارڪ نالي علائقي ۾ ٿيندڙ هڪ تقريب دوران فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
🚨#BREAKING: Mass shooting with reports of multiple victims Dead
⁰📌#MontereyPark | #CACurrently multiple authorities are responding to a mass shooting in Monterey Park with reports of 16 people have been shot with unconfirmed reports 10 fatalities this is still developing pic.twitter.com/4XUwRwaibf
— R A W S A L E R T S (@rawsalerts) January 22, 2023
اڃا تائين مارجي ويلن بابت سرڪاري انگ اکر جاري نه ٿي سگهيا آهن پر پوليس ذريعن ٻڌايو ته ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ ڪجهه زخمي ٿي پيا آهن.
ان علائقي ۾ واقع ڪام هائوس سي فوڊ نالي ريسٽورينٽ جي مالڪ ٻڌايو ته 3 ماڻهو ريسٽورينٽ ۾ تيزي سان داخل ٿيا ۽ دروازو بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي، انهن ٻڌايو ته ان علائقي ۾ هڪ همراهه طرفان مشين گن سان فائرنگ ڪئي وئي آهي.
ريسٽورينٽ مالڪ موجب فائرنگ جو واقعو علائقي جي هڪ ڊانس ڪلب ۾ مقامي وقت موجب رات 10 وڳي کانپوءِ پيش آيو.
واقعي جي زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو، پر اِهو واضح ناهي ٿيو ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي يا نه.
واضح رهي ته لاس اينجلس ۾ نئين چيني سال جي شروعات تي ٻن ڏينهن جي تهوار لاءِ لکين ماڻهو گڏ ٿيندا آهن، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس اهلڪار ۽ امدادي ٽيمن جا ورڪر ان علائقي ۾ متاثرن جي مدد ڪري رهيا آهن.
🚨#UPDATE: According to Police scanners reports of 10 people have been fatally shot, and 9 others have been injured in the Mass shooting that took place at a Monterey Park at a Chinese festival for lunar event. The suspect is still on the loose according to PD on scene pic.twitter.com/Xrdl9Uktr9
— R A W S A L E R T S (@rawsalerts) January 22, 2023