جمهوريت جو انتقام: سنڌ ورهائڻ واري سازش ناڪام !

علي محمد ميمڻ

محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي مشهور چواڻي”جمهوريت بهترين انتقام آهي“،  يقينن  سندس اهو فڪر ۽ جمهوري جدوجهد جي تجربن ۽ حاصلات بابت سند ۽  سندس اهو تجزيو  هر دور ۾ سچ ثابت ٿي رهيو آهي ۽ نتيجا ڏيندر صورت ۾ ڪامياب ۽ نروار ٿي رهيو آهي.

ملڪ مان 2007ع ۾ جنرل مشرف جي آمريت جو خاتمو، عوامي هلچل، جمهوري جدوجهد ذريعي ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ واري حاصلات جي نتيجن ۽ جمهوري طريقيڪار ڪري ئي ممڪن ۽ ڪامياب بڻيو. ان بعد ملڪ ۾ جمهوري ۽ پارلياماني ادارن جو گذريل 18 سالن کان لڳاتار جاري رهڻ ۽ مضبوط ٿيڻ جو ئي اهو سبب هو جو ملڪ جي جمهوري ۽ پارلياماني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قومي اسيمبلي طرفان تڪراري ۽ ٿاڦيل وزير اعظم عمران خان خلاف اڪثريت راء سان بي اعتمادي جي رٿ منظور ڪئي وئي ۽ اهڙي ريت ملڪ جي جمهوري سرشتي تي سوار رانديگرن جي ڪپتان ۽ جادوگرن جي لٺ بردارن کي پڻ ڪلهن تان لاهي کڻي هيٺ اڇلايو ويو آهي.اهڙي ريت،  ملڪ جي سياست مان رانديگرن ۽ جادوگرن ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءِ جي سياست ۽ ظاهر ٿيندڙ ڌرين جي تڏاويڙهه ٿيڻ وارو سسلسو تيزي سان جاري آهي.

سنڌ ۾ٿيل مڪاني چونڊن واري ٻئي مرحلي ۾15 جنوري 2023ع تي ٿيندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن جا تمام وڏا حوصلي ۽ سرهائي وارا چونڊ نتيجا سامهون آيا آهن، جنهن موجب ڪراچي شهر ۾ پڻ ملڪ جي سڀ کان وڏي جمهوري، سنڌ صوبي جي حڪمران ۽ ملڪ جي سياست ۽ انتظام ڪاري جي سڀ کان وڌيڪ تجربيڪار جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي عوام ۾پنهنجي رڪارڊ مقبوليت ۽ شاندار سوڀن واري ڪاميابي ۽ تمام گهڻي مڃتا حاصل ڪئي آهي.   سنڌ صوبي جي گاديء واري مرڪز ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي اقتصادي شهر ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻي نمبر وڏي شهر حيدرآباد سميت اڌ صوبي ۾پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪاميابي ۽ واضح طور تي سرسي حاصل ٿيڻ سان قوم لاء اها سرهائي واري سڀ کان وڌيڪ حقيقت اڀري آئي آهي ته سنڌ جي گادي ڪراچي ۽ صوبي جو ٻيو نمبر وڏو شهر حيدرآباد ۽ ٻيا علائقا هن وقت محفوظ هٿن ۾ آهن ۽ هاڻي سنڌ جا اهم ۽ وڏا شهر دهشت گرد ڌرين ۽ واڳئن جي وات ۾ وڃڻ ۽ ورهائجڻ واري خطري کان خير۽ خوبي سان ٻاهر نڪري آيا آهن.

ڪراچي ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جي نامڪمل نتيجن موجب هن وقت تائين 246 مان اعلان ٿيل 235 سيٽن جي نتيجن مان  پاڪستان پيپلز پارٽي کي  93 يونين ڪائونسلون،  ٻئي نمبر تي جماعت اسلامي کي 86 ۽ عمران خان واري جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف ٽئين نمبر تي40 سيٽون حاصل ڪيون آهن.مسلم ليگ ن کي 7، جي يو آءِ کي 3سيٽون حاصل ٿيون آهن.  هنن مڪاني چونڊن ۾ ڪراچي ۾ ڪنهن به هڪ جماعت کي شهر ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ لاء گهربل سوا سئو سيٽن واري اڪثريت حاصل نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته عورتن، نوجوانن، مزدورن، غيرمسلمن، معذورن ۽ ٻين مخصوص سيٽن جي ڌرين کي سندن سيٽن جي تعداد  جي حساب سان رکيل ڪوٽا تحت ورهاست بعد ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيٽن جي تعداد گهٽ ۾ گهٽ 142، جماعت اسلامي 133 ۽ پي تي آء جي سيٽن جي تعداد 160 ٿي ويندي.مڪاني چونڊن جا سمورا نتيجا پڌرا ٿيڻ بعد ڪراچي جي ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ٽائون ڪائونسلن جي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن ۽ ٻين عهدن تي انتخاب ٿيڻو آهي. حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين وڏي اڪثريت ۾شهرن ۽ وسندين جون حڪومتون پاڪستان پيپلز پارٽي قائم ڪرڻ وڃي رهي آهي. باقي ڪراچي شهر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ، جماعت اسلامي ۾ گڏيل حڪومت قائم ڪرڻ لاء ڳالهيون هلندڙ آهن.يقينن اها نئين قسم جي سياسي صورتحال اسانجي سنڌ صوبي ۽ گڏيل طور تي سموري ملڪ جي جمهوري ۽ عوامي سرشتي جي بهتري ۽ ڀلائي لاء پڻ سرهائي واري اڳڀرائي ۽ بهتري واري اميدن جو سبب ٿي سگهي ٿو.

ٻئي پاسي، ملڪ ۾وفاقي سطح تي پڻ وڏي اڳڀرائي ٿي رهي آهي، قومي اسيمبلي جي هاڻوڪي  اسپيڪر راجا پرويز اشرف تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 35 ميمبرن جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي. جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ به قومي اسيمبلي اسپيڪر تحريڪ انصاف جي 34 ميمبرن ۽ شيخ رشيد جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي آهي.هن کان اڳ پي ٽي آءِ جي ايم اين اي راجا رياض ۽ ساڻس گڏ 2 درجن کن قومي اسيمبلي جا ميمبر پڻ پي ٽي آء جي ٻڌندڙ ٻيڙي مان وقت سر ٽپو ڏئي قومي اسيمبلي ۾اچي ويهي رهيا اهڙي ريت، لياري ڪراچي جي ايم اين اي شڪور شاد پڻ پنهنجي ليڊر عمران خان ۽ پارٽي پي ٽي آءِ جي آپگهاتي سياست جو شڪار ٿيڻ کان پاڻ بچائڻ لاء اسلام آباد هاء ڪورٽ پهچي ويو ۽ پنهنجي ڏنل استعفي تان هٿ کڻي پاڻ کي بچائي ويو. هاڻي تازو سيٽون وڃائيندڙ پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي جي 80 ميمبر ۽ راولپنڊي جي سياسي اکاڙي جي پهلوان شيخ رشيد سميت 81 اسيمبلي ميمبر پنهنجي سياسي حيثيت تان آپگهات ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان پنهنجي سياسي فوتگي جي سند حاصل ڪري جنت ۾ جايون ملڻ جي آسري تي بني گالا ڏانهن منهن ڪريو ويٺا آهن پر سندن ڪپتان پنهنجي انيڪ خوف ۽ خطرن کان لڪي لاهور ۾ پنهنجي اباڻي گهر واقع زمان پارڪ ۾ڇپ هڻيو ويٺو آهي.

ملڪ جو جمهوري سرشتو ۽ پارليامينٽ ختم ڪري ملڪ ۾ آمريت يا صدارتي نظام قائم ڪرڻ وارين سازشن وارا ڪارخانا يقينن لڳاتار ڪم ڪري رهيا آهن ۽ آمريت، حسد ۽ نفرتن وارن ڪارخانن مان مختلف شڪلين ۽ نالن وارا رانديگر، ڪپتان، ٽرمينٽر خان ۽ هٿرادو ليڊر تيار ڪرڻ ۽ انهن کي ملڪ ۽ قوم جي ڪنڌ تي سوار ڪرڻ واريون ڪوششون گذريل 75 سالن کان لڳاتار جاري آهن. اهڙي ئي هڪ هٿرادو ليڊر ۽ ڪپتان خان واري ٿاڦيل دور ۾ جمهوري سرشتي ۽ پارليمان تي قومي اسيمبلي اندران  ڪپتان جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ذريعي اڳوڻي وزير اعظم عمران خان سان ساز باز ڪري قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جو حڪم نامو پيش ڪري ايوان کي تحليل ڪئي وئي ۽ جمهوري ايوان کي ڪهڻ وارو حڪم نامو پڙهي وڏي تباهي مچائي وئي. اڳتي هلي پارليامان کي جيئري دفن ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ طرفان چونڊايل صدر ڊاڪٽر عارف علوي ذريعي قومي اسيمبلي کي اڏائڻ وارو حڪم نامو بنادير جاري ڪري ڇڏيو ويو. صدر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي اهڙن حڪمن کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو ويو.

بيشڪ !سپريم ڪورٽ جي انهيءَ تاريخي فيصلي سان جيئري دفن ٿيندڙ سموري قومي اسيمبلي سڪرات واري حالت مان اٿي وري پنهنجي پيرن تي بيهي رهي ۽ پنهنجي ڪنڌ تي سوار جلاد وزير اعظم،  اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي بي اعتمادي واري رٿ منظور ڪري پنهنجي ڪنڌ ۽ ڪلهن تان لاهي کڻي ڦٽو ڪيو ويو. قومي اسيمبلي کي ٽوڙڻ وارو غير آئيني ۽ غير جمهوري حملو ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد جي ايوانن طرفان آڌي رات جي پهر ۾ سجاڳ ٿي پوڻ سان بچاءِ ٿي ويو. اسپيڪر ۽ صدر مملڪت جي حڪمن کي غير آئيني قرار ڏئي رد ڪري بچائي ورتو  پر جمهوريت ۽ صوبن جي حقن ۽ عوام جي آزادين جي ويرين جي اڃان تائين طاقت موجود هئڻ ڪري خطرا ختم نه ٿيا آهن. پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي بچاءِ ۽ حقن جي حفاظت لاءِ سڄي ملڪ جي جمهوريت پسندن، ترقي پسندن، ساڃاهه وندن، اديبن، شاعرن، صحافين، مزدورن، هارين ۽ شاگردن کي سجاڳ ۽ خبردار رهڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.