لوڪ ادب، لغت نويسي، لطيفيات ۽ تعليم جو ماهر "شيخ محمد اسماعيل”

طارق عزيز شيخ 

سنڌي ادب جا لوڪ ادب، لوڪ شاعري، لطيفيات، لغات نويسي ۽ تاريخ سميت ضخيم پراجيڪٽ، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ پاران لڳاتار چاليھن ورھين تائين جاري رھيا تن سمورن پروجيڪٽن ۾ شيخ محمد اسماعيل جو وڌ ۾ وڌ علمي پورهيو رھيو. ھو بھترين ماھر تعليم ۽ استادن جي فلاحي تنظيم جو بانيڪار پڻ ھو.

شيخ محمد اسماعيل جو جنم حيدرآباد جي گاڏي کاتي واري علائقي ۾ 21 جنوري 1924ع تي احمد شيخ جي گھر ۾ ٿيو، جيڪو انگريز سرڪار جي زير اهتمام قائم ميونسپل اسڪول جو هيڊ ماستر هو. اھوئي سبب ھو جو سندن گھر ۾ به تعليمي رجحان رھيو. احمد شيخ اهڙي زماني ۾ نه فقط تعليم کاتي جو مڃيل استاد رهيو پر ان سان گڏوگڏ ھو خلافت تحريڪ ۾ به سرگرم ڪارڪن رھيو. شيخ محمد اسماعيل جي تعليم ۽ تربيت به اھڙي والد جي نگرانيءَ ۾ ٿي، جنھن ڪري سندس مزاج ۾ به ساڳيا والد وارا گڻ شامل ٿيا. ھن جي ابتدائي تعليم کان وٺي سنڌي فائنل جي امتحان پاس ڪرڻ تائين والد جي نگراني ۽ صلاح جي اوليت رھي. نور محمد ھاءِ اسڪول تڏهن گورنمينٽ اسڪول چوائبو ھو، مان پڙھي 1948ع ڌاري تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. شيخ محمد اسماعيل، چئن ڀائرن ۾ ٻيو نمبر ڀاءُ ھو.

شيخ محمد اسماعيل جيئن ته درس تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل ھو تنھنڪري ھن پنھنجي استاد برادري جي فلاح لاءِ پڻ ساراھ جوڳو ڪم ڪيو. شيخ صاحب پرائمري اسڪول ٽيچرس ايسوسيئيشن جو باني اڳواڻ ھو جنھن جان محمد جمالي جي سربراهي ۾ سڄي سنڌ ۾ ڏينهن رات ڀڄ ڊڪ ڪري تنظيم سازي ڪئي. سندس استادن لاءِ ڪيل جدوجهد جي نتيجي ۾ ڪيترائي اهم ۽ پراڻا مطالبا منظور ڪيا ويا. هن ڪجهھ يادگار ۽ اهم ڪارناما پڻ سرانجام ڏنا. شيخ صاحب ڏسڻ ۾ سادو پر استادن جي حقن لاءِ سخت ويڙهه ڪندڙ بھادر اڳواڻ ثابت ٿيو. هن استادن جي ڀلائي واري تنظيم پ ٽ الف جي بنياد کان وٺي ان جي وڌڻ ويجهڻ واري زماني تائين رهنمائي ڪئي. استادن جي پگهار وڌائڻ، وڌيڪ اسڪول کولڻ، استادن جي ٽريننگ، تعليم کاتي ۾ استادن مان اسٽاف کڻڻ ۽ تدريسي سرشتو وڌائڻ لاءِ يادگار جدوجهد ڪئي.

هو. استادن کي سنڌ جي صوفي بزرگن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست وغيره جي ادبي پروگرامن ۾ وٺي ويندو ھو. ٽيچرز برادريءَ کي هر سال موڪلن واري مدي ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن مڪانن تي وٺي وڃڻ، اسٽيڊي ٽوئر ڪرائڻ به هن جي عادت ۾ شامل هو، اهڙي ريت عمرڪوٽ، مڪلي، ڪينجهر ڍنڍ، منڇر ڍنڍ، موهن جو دڙو، ڀنڀور، ڀٽ شاهه، ٺٽو ۽ تاريخي مقام ڏيکاريندي انهن بابت ڄاڻ ڏيندو رهندو هو. اسماعيل شيخ پنهنجي اسٽاف لاءِ آئيڊيل هيڊ ماستر هو، سنڌ ۾ شل ئي ڪو اهڙو هيڊ ماستر هوندو، جنهن ۾ ايتريون خوبيون هجن.

پاڻ علمي ادبي ذوق شوق رکڻ سبب اديبن ۽ عالمن جي صحبت ۾ رھندو آيو ھو. انھيءَ ڪري سنڌ جي نامياري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان سنڌي ادبي بورڊ جي اهم اسڪيمن ۾ ٻانهن ٻيلي بڻيو ۽ پوءِ اھو ساٿ پنجن ڏهاڪن کان به وڌيڪ عرصي تائين ھلندو رھيو.

شيخ محمد اسماعيل سنڌي ادب جي خاموشيءَ سان بي لوث خدمت ڪئي، هن جيڪي جيڪي پروجيڪٽ هٿ ۾ کنيا، انهن کي نهايت سچائي سان نڀايائين. جيڪڏهن انهن اهم ۽ تاريخي ڪمن بابت ٿورو به ذڪر ڪبو ته سنڌ جي قداور شخصيتن بابت تڪراري بحث شروع ٿي ويندا ۽ انهن جي ڪريڊٽ جي آيل ڪم تي شڪ شبو پيدا ٿي ويندو،

مرحوم شيخ صاحب سنڌي لوڪ ادب اسڪيم جي سمورن واليمن جي تياريءَ لاءِ علمي توڙي سياحتي کوجنا ڪئي ۽ وڏي محنت سان ڪتاب جوڙيائين. سنڌي ادبي بورڊ جي ناياب ڪتابن ۾ اهي ئي ڪتاب سنڌي ادب جو اهم سرمايو آهن، جامع سنڌي لغت لاءِ ڪيترن ئي ڳوٺن، وستين ۽ برادرين سان ملي، لفظن کي ڪٺو ڪرڻ ۽ پوءِ انهن جون معنائون لکڻ وارو ڏکيو ڪم هن ڏاڍي دل لگي ۽ جفا ڪشيءَ سان ڪيو.

سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن جو ڪورس بهتر ڪرڻ ۽ هر درجي جي نصاب کي سولو توڙي معلوماتي ڪرڻ لاءِ به هن جي معاونت رهندي آئي ھئي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي پرائمري سطح تائين ڪورس جي ڪميٽي ۾ رھيو. هن ٻارڙن جي دلچسپي پٽاندڙ ڪورس ڏانهن وڌيڪ زور ڀريو هر سال نصاب ۾ وقت آهر ترقي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو.

شيخ محمد اسماعيل جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمت تي هڪ نظر وجهون ته حيرت ٿيندي ته هن اڪيلي شخص هڪ اداري جيان ضخيم ۾ پورهيو ڪيو، سنڌي ادبي بورڊ پاران لوڪ ادب جا چاليهه واليم جنهن ۾ لوڪ داستان لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ شاعري، تاريخي، واقعا، عشقيه قصا، ڳجهارتون، پروليون ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن، انهن جي مواد لاءِ سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ وڃي سينه به سينه هلندڙ ڳالهين، ڪهاڻين ۽ ڏاڍي دلجوئي سان ڪم ڪيو پر شرط اهو هوندو هو ته اهڙي محنت ۾ سندس نالو فقط معاون هجڻ ۾ لکجي ايندو هو، اهڙي ريت سوين ڪتاب تيار ٿيا.

سنڌي لينگويج اٿارٽي ۾ جڏهن ٻوليءَ جو ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا چيئرمين بڻجي آيو تڏهن شيخ اسماعيل کي هڪڙي پروجيڪٽ ”انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا“ جي آڇ ڪيائين، جيڪا هن قبولي. ھيء سندس زندگيءَ جا آخري ڇهه ست ورهيه هئا، جنهن ۾ هن انسائيڪلو پيڊيا جهڙو ڏکيو ۽ ڊگهو پروجيڪٽ شروع ڪيو، پهريون واليم تيار ٿيو ته ڊاڪٽر الانا صاحب جي چيئرمين شپ وارو مدو ختم ٿيو ۽ بعد ۾ اچڻ واري چيئرمين سمورن ڪتابن جي ڇپائي روڪائي ڇڏي. ڪجھه ورھين تائين انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا وارو پراجيڪٽ سرد خاني جي نذر ٿي ويو. جڏهن 2009ع ۾ سڌي ادب جي نامياري محققہ ڊاڪٽر فهميده حسين سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن بڻجي آئي، تڏهن الانا صاحب جي زماني وارا ڪتاب ميڊم فهميده حسين، ايمانداري کان ڪم وٺندي شيخ اسماعيل جو نالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرئين واليم ۾ نگران طور ڏنو، ڇاڪاڻ ته الف کان پ تائين ابتدائي ڪم شيخ اسماعيل ۽ سندس ٽيم ڪيو ھو. ان کان اڳ، جڏهن شاهه لطيف چيئر ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين ڊائريڪٽر هئي، تڏهن به ”سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي لغت“ واري پراجيڪٽ جي شيخ اسماعيل کان نظرثاني ڪرائي هئائين ۽ انهيءَ پروجيڪٽ ۾ به سندس نالو مٿان ڏنو اٿس.

شيخ محمد اسماعيل لطيفيات جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪيو، جنهن جي اعتراف ۾ سال 1998ع ۾ ثقافت کاتي پاران کيس لطيف ايوارڊ مليو جيڪو تڏهوڪي سنڌ جي وڏي وزير لياقت علي جتوئي کيس شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي ڏنو. 1986ع ۾ ريٽائرمينٽ کانپوءِ پورو وقت ئي سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ پروجيڪٽ ۾ رڌل رهندو هو.

2003ع ۾ شيخ اسماعيل جي طبيعت خراب رھڻ لڳي. جگر تي سوڄ ۽ لڳاتار بخار هن کي ڪمزور بڻائيندو ويو، وقت سان گڏ طبيعت وڌيڪ بگڙجندي رهيس ۽ هو پنهنجي تاريخ پيدائش جي ٻئي ڏينهن 22 جنوري 2004ع تي انتقال ڪري ويو. سندس قبر ٽنڊي آغا جي قديم قبرستان ۾ گهر کان ٿورو فاصلي تي اسندس پياري دوست ممتاز مرزا جي قبر جي ويجهي آهي. جنهن جي لاڏاڻي تي کيس شديد رنج رسيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.