وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ : چاليهن سالن جو سفر

مبصر

پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي انهن ڪجهه ملڪن مان هڪ آهي، جتي سڀني کان اڳ وفاقي محتسب جي اداري جو بنياد رکيو ويو،24 جنوري 1983 تي صدارتي فرمان جي تحت اھو ادارو وجود ۾ آيو.جنھن 8 آگسٽ 1983 کان ڪم شروع ڪيو.

هن اداري جي قيام جو بنيادي مقصد وفاقي حڪومت يا ان سان لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي ۾ ملازمن جي پاران  ٿيندڙ انتظامي زيادتين، امتيازي سلوڪ، استحصال، لاپرواهي ۽ نااهلي جي خلاف عوام جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ آهي،خاص طور تي معاشري جي   پيسجندڙ  ماڻهن جن جي ڪا شنوائي نھ ٿيندي آھي ۽ اھي عدالتن جا ڳرا خرچ ڀري نھ سگھندا آھن.   اهي سادي ڪاغذ تي درخواست لکي وفاقي محتسب کي موڪلين ته ان تي بنا دير  جي ڪارروائي ڪئي ويندي آھي ۽ ايندڙ ڏينھن  شڪايت ڪندڙ کي ان جي شنوائي جي تاريخ کان آگاهه ڪيو ويندو  آھي.

چاليهن سالن جي ان سفر ۾ ادارو پنهنجي ڪارڪردگيءَ ۽ افاديت سان گڏ  معيار ۽ مقدار جي لحاظ کان به مثبت رفتار سان ترقي ڪري رهيو آهي. بنيادي طور تي اهو غريبن جي عدالت آھي، جتي نه وڪيل جي ضرورت آهي ۽ نه ئي شڪايت ڪندڙن کي ڪا في ادا ڪرڻي پئي ٿي ۽ هر شڪايت جو فيصلو سٺ ڏينهن اندر ڪيو ويندو آهي. هن وقت تائين اھڙين 59 لک  شڪايت ڪندڙن کي مفت ۽ بروقت انصاف فراهم ڪري چڪو آهي.

1983 ع ۾ پهرين وفاقي محتسب سردار محمد اقبال کان وٺي موجوده وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشيءَ تائين هن اداري جا 12 سربراهه ٿي چڪا آهن. جسٽس (ر) سردار محمد اقبال جيئن ته ان کان اڳ وفاقي محتسب هو، ان ڪري هن اداري جي  سنوار سڌار جو ڪم بهتر بڻائڻ ۽ ادارن تي ان جي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڪم ڪيا.  وفاقي محتسب جي قيام لاءِ صدارتي آرڊر پڻ هن ئي تيار ڪيو هو، 2013ع تائين وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ  1983ع جي صدارتي آرڊر نمبر (1) تحت ڪم ڪندو رهيو. ان دوران، ڪي پيچيده ڪيس سالن تائين هلندا رهيا هئا. 2013ع ۾ وفاقي محتسب محمد سلمان فا روقي جي دور ۾ قانون ۾ ڪجهه ترميمون ڪيون ويون ۽ فيصلي لاءِ سٺ ڏينهن جو وقت مقرر ڪيو ويو. ان سان گڏ وفاقي محتسب سيڪريٽري جا سروس رولز پڻ ٺاهيا ويا. محمد سلمان فا رقي حڪومتي ادارن جي نظام جي سڌاري لاءِ ڪيتريون ئي ڪميٽيون پڻ ٺاهيون جن تمام مفيد ۽ قابل عمل سفارشن تي ٻڌل جامع رپورٽون تيار ڪيون. ان کانپوءِ ايندڙ وفاقي محتسب سيد طاهر شهباز ب ڪم کي وڌيڪ تيز ڪيو  ۽ نه رڳو فيصلن جو انگ ساليانو  ھڪ لک کان وڌي ويو بلڪھ ڪميٽين جي رپورٽن جي سفارشن تي عملدرآمد ۾ به اڳڀرائي ٿي.

موجود وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي کي انتظامي معاملن ۾ وسيع تجربو آهي، 2022ع جي سال دوران شڪايتن جو انگ ھڪ لک 64 هزار 174 تائين پهچي ويو،جڪيو ھڪ رڪارڊ آھي. گذريل ڇهن سالن دوران هن اداري ڏانهن شڪايت ڪندڙن جي وڌندڙ رجحان جو سبب دراصل وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي جون نيون پاليسيون ۽ نوان قدم هئا، جيڪي ھن  27 ڊسمبر 2021ع تي وفاقي محتسب جي عهدي  سنڀالڻ جي فورن بعد کنيا ھئا ۽  اسلام آباد ۾ هيڊ آفيس کان سواءِ پنهنجي 17 ريجنل آفيسن جي سربراهن کي ان تي عمل ڪرڻ جو پابند بڻايو.

عوامي مفادن ۽ سماجي مسئلن جي حوالي سان اي او بي آءِ پاران غريب ملازمن کي پينشن جي عدم ادائيگي، ڊينگي جي وبا دوران احتياطي تدبيرن ۽ دوائن جي فراهمي، ٽريفڪ جي مسئلن کان علاوه ٻين ڪيترن ئي ڪيسن، جئين ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي  ڪم بابت سوموٽو نوٽيس ورتو ويو آھي ان کانسواءِ  قدم اهو کنيو ويو ته ادارن خلاف وڌيڪ شڪايتون  هيون، انهن لاءِ سينيئر صلاحڪارن تي مشتمل اعليٰ سطحي انسپيڪشن ٽيمون جوڙيون ويون، جيڪي لاڳاپيل ادارن ۾ ويون ۽ متاثرن جون شڪايتون ٻڌيون. موقعي تي هدايتون جاري ڪيون ۽ انتظاميا سان گڏجاڻيون ڪيون، ڪارڪردگي ۽ نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ قابل عمل ھدايتون جاري ڪيون ويون.

وفاقي محتسب عوام کي انصاف  سندن گھر جي در تي فراهم ڪرڻ لاءِ  پڻ سرگرم آهي. ان مقصد لاءِ OCR (Outreach Complaint Resolution) هڪ پائلٽ پروجيڪٽ  شروع ڪيو ويو هو، جنهن تحت وفاقي محتسب جا آفيسر  ڏورانهن شهرن ۽ تعلقي هيڊ ڪوارٽرن جو دورو ڪري عام شهرين کي سندن گهرن جي ويجهو انصاف فراهم ڪن ٿا.

اهڙين شڪايتن جو فيصلو 45 ڏينهن اندر ڪيو ويندو آھي، هي هڪ انقلابي قدم آهي جنهن کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي. او سي آر پروگرام تحت 2022ع دوران وفاقي محتسب جي آفيسرن تعلقن ۽ ضلعي هيڊ ڪوارٽرز جا دورا ڪيا ۽ 10 هزار 97 شڪايتن جو ازالو ڪيو. هن سيڪريٽريٽ پاران  پينشنرز  جي  مسئلن جي  حل لاءِ به ڪيترائي قدم کنيا ويا،  نتيجي ۾ هاڻي رٽائرڊ ملازمن  جي پينشن سندن اڪائونٽ ۾ موڪلي ويندي آهي چيڪ ذريعي. وفاقي محتسب هڪ پينشن ڪميٽي پڻ قائم ڪري ڇڏي آهي جيڪا پينشنرز جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هر وقت سرگرم آهي.

وفاقي محتسب پاڻ کي رڳو شڪايتن جي فيصلن تائين محدود نه رکيو، پر مختلف ادارن جي نظام جي سڌاري لاءِ لاڳاپيل شعبن جي نامور شخصيتن کان 28 اسٽڊي رپورٽون پڻ تيار ڪرايون، جن جي روشنيءَ ۾ ٻين کاتن سميت نادرا، پاڪستان پوسٽ، ريلوي ،قومي بچت جي اداري ، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مسئلن، سرڪاري ملازمن جي پينشن ۽ جيل جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ ۽ قيدين کي آرام جي فراهمي جي حوالي سان سفارشون ڪيون ويون ۽ انهن تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ سان ڪيترائي مسئلا حل ٿيا آهن. وفاقي محتسب طرفان جيل نظام ۾ سڌارن بابت هن وقت تائين رڳو 12 ٽه ماهي رپورٽون سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايون ويون آهن.   اهڙي طرح وفاقي محتسب جي مداخلت سان سڄي ملڪ ۾ هزارين ماڻهن کي مختلف قسمن جي مسئلن جي حوالي سان رليف ملي رهيو آهي، ڪجهه اهم فيصلن جو ذڪر ھتي ضروري آھي.

ملتان ۾ شھرين جي شڪايت تي پوسٽل لائيف انشورنس طرفان هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا چيڪ جاري ڪرايا ويا، سيپڪو پاران جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس کي  موڪليل 11 ملين رپين کان وڌيڪ ماليت جا بجلي جا بل واپس ڪيا ويا. خيرپور ۾ ٽاور ڪمپنين پاران ڳوٺاڻن کي 19 لک رپيا امدادي رقم ڏيارائي وئي.  سئو روپين جي نوٽ ۾ قائداعظم جي نالي جي اسپيلنگ کي درست ڪرايو ويو ۽ زيارت جي علائقائي پوزيشن کي درست ڪرايو ويو.  بهاولپور ۾ ھڪ بيوھ جو مڙس  دوران ملازمت فوت ٿي ويو ھو،لاڳاپيل کاتي طرفان 25 لک 60 هزار رپيا بيوھ کي ڏياريا ويا. سرگوڌا ۾ پوسٽل لائف انشورنس جي 28 پاليسي هولڊرز کي هڪ ڪروڙ رپين جا چيڪ ڏيارايا ويا، فيسڪو کان  52 هزار بجلي جا بل ۽ گيپکوکان   44 هزار اضافي يونٽ جا بل واپس ڪرايا ويا.

ڪراچي جي شهري جي بيواهه ۽ ڌيءَ کي پوسٽل لائف انشورنس ڪمپني مان 65 لک رپين جو چيڪ ڏيارايو ويو.

بينظير انڪم سپورٽس پروگرام پاران ڪوئيٽا جي سوين ٻوڏ متاثرن کي 25 لک 25 هزار چيڪ ڏيارايا ويا، ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي جي بلن ۾ وصول ڪيل اضافي رقم نيپرا جي معرفت ختم ڪرائي وئي. جنهن سان صارفين کي ڪروڙين رپين جو فائدو ٿيو. وفاقي محتسب 90 لک کان وڌيڪ اوورسيز پاڪستانين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هڪ الڳ ”شڪايت  ڪمشنر“ مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان جي سمورن بين الاقوامي هوائي اڏن تي ”جوائنٽ فسيليٽي  مرڪز“ قائم ڪيو ويو آهي، جتي اوورسيز پاڪستانين جا عملدار 24 ڪلاڪ، هفتي جا ست ڏينهن ۽ مسافرن جون شڪايتون موقعي تي ئي حل ڪن ٿا.   اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي مسئلن ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ ۾ ”ڪمشنر فار چلڊرين“ کي مقرر ڪيو آهي، جنهن ۾ ٻارن تي تشدد ۽ سائبر ڪرائم جي وڌندڙ رجحان جي ڪري اھا سيڪريٽريٽ  ڪم ڪري رهي آهي.

وفاقي محتسب جو مرڪزي دفتر اسلام آباد ۾ آهي، جڏهن ته عوام جي سهولت لاءِ سڄي ملڪ ۾ 17 ريجنل آفيسون لاهور، ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا، ملتان، فيصل آباد، حيدرآباد، خاران، سکر، ايبٽ آباد، گجرانوالھ ، بهاولپور، سرگوڌا، سوات، ڊيرا اسماعيل خان، خضدار ۽ ميرپور خاص ۾ به ڪم ڪري رهيون آهن، ان کان علاوه تازو ئي وانا (ڏکڻ وزيرستان) ۽ صدھ ضلعي ڪرم ۾ شڪايتون وصول ڪرڻ جي لاءِ ٻھ شڪايتي مرڪز  آهن.

وفاقي محتسب  آفيس ۾ شڪايت داخل ڪرڻ جو طريقو بلڪل سادو آهي. ڪو به شهري خط، اي ميل، موبائيل ايپ ذريعي يا وفاقي محتسب جي هيلپ لائن نمبر 1055 تي رابطو ڪري يا آفيس ۾ ذاتي طور تي وڃي شڪايت درج ڪرائي سگهي ٿو، فون، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام تي به شڪايت ٻڌي سگهجي ٿو، جنهن جو مطلب آهي ته شڪايت ڪندڙ گھر ۾ رھي ڪري بھ  بنا تڪليف وٺڻ جي شڪايت ڪري سگھي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.