يوڪرين جو اولهه ملڪن تي ھٿيار ڏيئڻ لاءِ زور

دنيا جي ھاڻوڪي گلوبلائيزيشن ۽ اڄوڪي نيٽ ورڪ جي دور ۾ جن جنگن جي خطرناڪ اليمن کي انسان پنھنجي اکين سان ڏسي،ٻڌي، پڙھي ۽ انھن جي خطرناڪ نتيجن کي ڏسي سگھيو آھي انھن ۾ ھن وقت هلندڙ  روس جي يوڪرين جي مٿان ڪاھھ واري جنگ بھ ھڪ آھي،ان جنگ اڳي ئي موسمياتي بگاڙ،معاشي ابتري، ڪورونا جي وبا جي تباھين ۾ ورتل دنيا ۾ ڪيترن ئي ٻين نون بحرانن کي جنم ڏنو،جنھن ۾ خوراڪ جي کوٽ،گئس جي کوٽ ۽ پيٽرول جي جو مسئلو بھ شامل آھن.

جنھن جي تباھي وقت سان گڏ وڌي رھي آھي ۽ ان جي ابتڙ واري جنگ جي نھ ختم ٿيڻ سان ان جا اثر سموري دنيا جي وڏن ملڪن کي بھ گھيري رھيا آھن. تازو يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي پنهنجي اولھھ جي ملڪن جي اتحادين تي زور ڀريو آهي ته اھي يوڪرين کي هٿيارن جي فراهمي کي وڌائين،  هن چيو ته جبر ۽ ظلم جمهوريت تي غالب رھيوآهي. ڊان اخبار ۾ شايع ٿيل اي ايف پي جي رپورٽ موجب وڊيو لنڪ ذريعي ورلڊ اڪنامڪ فورم کي خطاب ڪندي يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي جرمني جو حوالو ڏيندي مغربي ملڪن کان فوري مدد جو مطالبو ڪيو. ياد رهي ته روس-يوڪرين جنگ ۾ جرمنيءَ کي نٽائي رھيو آهي ته اھو يوڪرين کي هٿيار ۽ ٽينڪ فراهم ڪري يا نھ . يوڪرين جي صدر جو چوڻ ھو تھ آزاد دنيا پنهنجي فارغ  وقت ۾ سوچي ٿي ۽ دهشتگرد رياست اھو وقت مارڻ لاءِ استعمال ڪري ٿي.

ھن اھا ڳالھھ 20 جنوري  تي جرمني ۾ يوڪرين کي اولھھ جي  هٿيار فراهم ڪندڙن جي اجلاس کان اڳ ۾ چئي ھئي.يوڪرين جي صدر چيو ته دنيا کي اڄ يا ڪڏهن به نه گھٻرائڻ گهرجي، دنيا کي متحرڪ ٿي اسان جي گڏيل دشمن جي فوجي ڪاررواين کي منھن ڏيڻ لاءِ  اڳتي وڌڻ گهرجي. ٻئي طرف  يوڪرين جي صدر جي زال اولينا زيلنسڪي چيو آهي ته ولاديمير زيلنسڪي چيني صدر شي جن پنگ کي خط لکيو آهي ۽ کيس ڳالهين جي دعوت ڏني آهي ۽ اهو خط ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ چيني وفد کي ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته روسي حملي کانپوءِ ولاديمير زيلنسڪي چيني صدر سان مسلسل رابطي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ان اميد سان ته هو روسي صدر ولاديمير پيوٽن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ ڳالهائيندي اولينا زيلنسڪي چيو ته هن وٽ چيني صدر کي پهچائڻ لاءِ خط آهي، پر ان بابت ڪي بھ تفصيل نھ ٻڌايا.هن وفدن کي چيو ته اھو  هڪ اشارو ۽ ڳالهين جي دعوت آهي ۽ اميد اٿم ته دعوت قبول ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.