چارسده(م ڊ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي چارسده ۾ ڍيري زرداد پوليس چوڪي تي دهشتگردن جي حملي ۾ ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا.ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر چارسدا موجب پوليس چوڪي تي دهشتگردن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار زخمي ٿيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ڊي پي او ٻڌايو ته زخمين مان ٻن پوليس اهلڪارن دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته هڪ علاج هيٺ آهي.