پاڪستان پاران سويڊن ۾قرآن پاڪ جي بي حرمتيءَ جي مذمت

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتيءَ جي ڪريل  فعل جي سخت مذمت ڪئي آهي.پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته قرآن پاڪ جي بي حرمتي سان ڏيڍ ارب مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا، مسلمانن جي مذهبي جذبن کي مجروح  ڪرڻ اظهار جي آزادي ۾ نه ٿو اچي.ترجمان وڌيڪ چيو ته انساني حقن جا علمبردار  نفرت انگيز  عمل جي روڪٿام جون ذميواريون نڀائن، انساني حقن جا علمبردار ماڻهن کي تشدد تي نه اڪساهڻ جي ذميواري نڀائن، اسلام امن جو مذهب آهي.ترجمان  چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسلمان مڙني مذهبن جي احترام تي يقين رکن ٿا.واضح رهي ته سوئيڊن ۽ ترڪيه وچ ۾ نيٽو جي رڪنيت تان ڇڪتاڻ هلندڙ آهي، سويڊن نيٽو ۾ شامل ٿيڻ جو خواهشمند آهي پر ترڪيه گذريل سال  مئي کان سندس مخالفت ڪري رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.