اعظم خان نگران وڏي وزير،جو منصب سنڀالي ورتو

پشاور (م ڊ) اڳوڻو  ڪامورو محمد اعظم خان خيبر پختونخوا جو نگران وڏو وزير بڻجي ويو، گورنر غلام عليءَ محمد اعظم خان جي نگران وڏي وزير طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن بعد اعظم خان پنهنجي عهدي جو حلف کنيو، حلف کڻڻ کان پوءِ محمد اعظم خان نگران وڏي وزير  جو منصب سنڀالي ورتو،ان موقعي تي وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.نگرن وڏي وزير محمد اعظم خان چيو ته صوبي ۾ صاف ۽ شفاف اليڪشن ترجيح آهي، چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، صوبائي حڪومت اليڪشن ڪميشن کي ڀرپور تعاون فراهم ڪندي.هن چيو ته خيبر پختونخوا  ۾ امن امان جو مسئلو آهي، ڪوشش ڪنداسين ته امن کي قائم رکون، وفاقي حڪومت آڏو ڪي پي  جي رهتن جو مسئلو به رکنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.