پاڪستان جو چين سان ٻه طرفو واپار نئين بلندين تائين پهچي ويندو: بلاول ڀٽو

بيجنگ/ اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته چين سان ٻه طرفي واپاري ناتن ۾ وڌيڪ اضافي جي اميد آهي، ٻنهي ملڪن موسمياتي تبديلين خلاف جنگ، تجديد جوڳي توانائي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهن. اهڙو اظهار هن هلندڙ هفتي ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي سوئٽزرلينڊ ۾ چين جي خابرو اداي زنهوا کي ڏنل هڪ خاص انٽرويو ۾ ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گذريل ايڪهتر سالن دوران پاڪ چين اڳواڻن جي ڪيترن ئي نسلن پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي پروان چاڙهيو آهي. پاڪستان ۽ چين علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ تي يقين رکن ٿا، قومي ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل خواب ۾ به شريڪ آهن. پرڏيهي وزير چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري رٿا (سي پيڪ) ۽ 2013ع ۾ چين جي تجويز ڪيل بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو (بي آر آءِ) جهڙن نون قدمن عيوض پاڪ چين گڏيل ناتن ۾ اضافو ٿيو آهي. تجديد جوڳي توانائي جي ذريعن مان توانائي حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ پاڪستان ۽ چين جي ڪيترا ئي وڏا سولر، ونڊ ۽ هائيڊرو اليڪٽرڪ منصوبا شروع ڪيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.