سياسي پارٽين جو عوام سان رشتو ٽٽي رهيو آهي،پارليامينٽ عوامي مسئلن تي نٿي ڳالهائي: سياستدان

ڪوئيٽا(م ڊ) مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ جو وڏو مسئلو  اليڪشن ۾ کٽڻ ۽ هارائيندڙن جي لسٽ ٺهڻ آهي، ائين ٿيندو رهندو ته پوءِ مسئلا حل نه ٿيندا، ڪوئيٽا ۾ ري اميجنگ پاڪستان جي عنوان سان منعقد ٿيندڙ قومي ڊائيلاگ کي خطاب ڪندي هن چيو ته جڏهن قومي اسيمبلي، سينيٽ ۾ هڪ ٻئي کي گاريون ڏنيون وڃن ته عوام مسئلا هڪ پاسي رهجي وڃن ٿا، ملڪ جي بدقسمتي آهي،معيشت جي بدحالي انتها تي پهچي چڪي آهي، جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ مسئلن تي ڳالهيون ٿي رهيون هجن ها ته هن سيمينار جي ضرورت نه هئي، معاشي حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هڪ ڊگهو عرصو گهربل هوندو، هن چيو ته سڀ ڪجهه آزمائي ڇڏيو، هاڻي هڪ ڀيرو آئين تي هلڻو پوندو، ملڪي معيشت هوندي ته سياست به هوندي، هن چيو ته رڳو سياستدان ذميوار ناهن، عدليه جي حالت سڀني جي سامهون آهي، نيب، عدليه، اسٽيبلشمينٽ جو خوف هوندو ته پوءِ سڀ ذميوار آهن، هن چيو ته اسان ايٽمي طاقت بڻجي وياسين پر اسڪولن، اسپتالن جو معيار بهتر نه ڪري سگهياسين، اها وڏي ناڪامي آهي، هن چيو ته 21هين صدي ۾ مسنگ پرسنز جو معاملو شرمندگي جو سبب آهي، اها انصاف جي نظام ۽ آئين جي ناڪامي آهي، انساني حق آئين جو بنياد هوندا آهن، معاملا ان وقت حل ٿيندا جڏهن اليڪشن ۾ لسٽون ٺاهڻ ڇڏي ڏيندا، ملڪ ۾ انصاف جو نظام به مفلوج ٿي چڪو آهي، حڪومت کي سروس جي ڊليوري ڪرڻي پوندي، عوام جا مسئلا انهن جي ٻاهر نڪرڻ کان اڳ حل ڪيا وڃن، ملڪ ۾ نئين سوشل ڪانٽريڪٽ تي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، ن ليگ اڳواڻ مفتاح اسماعيل چيو ته روزگار رڳو بلوچستان جو نه بلڪه پوري پاڪستان جو مسئلو آهي، اسان کي سوچڻو پوندو ته اهو پاڪستان ڪيئن ٺاهيون جيڪو سڀني لاءِ سٺو هجي؟ هن چيو ته ملڪ هن وقت 50 هزار ارب رپين جو قرضي آهي، اسان کي هر سال 20 ارب ڊالر ڏيڻا آهن، اسان 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ تعليم تي خرچ ڪريون ٿا،اسڪولن جو نظام بهتر ڪرڻو پوندو، اهو ڪهڙو سبب آهي ماڻهو غريب آهن، اهو ڏسڻو اهي ته اسان ڪهڙي روش تي وڃي رهيا آهيون، 60 سيڪڙو پاڪستاني اهڙا آهن جن جي آمدني 35 هزارن کان گهٽ آهي، هر پاڪستاني جي آمدني وڌائڻي آهي، هن چيو ته اسان جو ملڪ زرعي ملڪ آهي، غلطي هاري جي نه بلڪه پاليسي سازن جي آهي، اهي ڇو نٿا سوچين ته ملڪ ۾ صحت جا سمورا موقعا ۽ سهولتون ميسر هجن، اسان ملڪ ۾ هم آهنگي ۽ محبت کي وڌائي سگهون ٿا، اڳوڻي سينينٽر لشڪري رئيساڻي خطاب ڪندي چيو ته اسان ڏٺو آهي ته پارليامينٽ به هڪ حد تائين مفلوج آهي، سياست ۽ پارليامينٽ ۾ به مداخلت ٿيندي رهندي آهي، هن چيو ته ان نتيجي تي پهتاسين ته ڊائيلاگ جي هڪ سيريز شروع ڪريون، ان عمل کي ملڪ جي ٻين حصن ۾ به وڌايو ويندو، هن چيو ته بلوچستان ۾ مختلف فرضي دشمن ايجاد ڪيا ويا، صوبي جا 80 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، اسان جي ماڻهن ناانصافين ۽ پاڻي سميت ٻين مسئلن تي احتجاج ڪيو، بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي چيو ته بلوچستان جا 9 هزار ٻار، پوليٽيڪل ايڪٽيوسٽ غائب آهن، اسان خوف ۾ ٻارن کي يونيورسٽين ڏانهن نٿا موڪليون ته ڪو کنڀي نه وڃي، هن چيو ته 1948ع کانپوءِ شروع ٿيندڙ شورش اڄ تائين جاري آهي، اسلام آباد وارا ان بغاوت کي محسوس ڪرڻ تي تيار ناهن، بلوچستان ۾ گهرو ويڙهه جو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن چيو وڃي  ته رياست ماءُ هوندي آهي ته ائين ته ڪا ماءُ نٿي ڪري، هن چيو ته اسان ماڻهو جيڪي وفاق جي ڳالهه ڪريون ٿا، اهي مشڪل ۾ آهن، اسان بلوچ، پشتون، سنڌي،پنجابين، ۽ سڀني مظلومن جا ايجنٽ آهيون، هن چيو ته وفاق ان وقت مضبوط ٿيندو جڏهن وفاقي اڪايون مضبوط ٿينديون، اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته ڇا اسان وٽ اختيار آهي ته پاڪستان جو نئون تصور ڪري سگهون، اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اسان 75 سالن ۾ ڪو سبق نه سکيو، پهرين ڏينهن ئي فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ جمهوريت کي هلڻ ناهي ڏيڻو، اسان پاڪستان ۽ آئين ٺاهيندڙن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ پاڪستان جي باني جي ڀيڻ کي به غدار قرار ڏنو ويو، پاڪستانين کي پاڪستان کان پري رکڻ جو ڪو به موقعو هٿان وڃائڻ نه ڏنو، لاپتا ماڻهن جا وارث اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندا رهيا، پر اسان وٽ انهن جي سوالن جا جواب ناهن، هن چو ته پاڪستان ۾ لساني ۽ علائقائي ورڇ وڌيڪ آهي جيڪڏهن هتي سريلنڪا جهڙيون حالتون پيدا ٿيون ته سنڀالڻ مشڪل ٿي ويندو، اڄ به ماڻهن سان سچ نه پيو ڳالهايو وڃي، اسان جي سياسي ڪلچر ۾ ڳالهين جي روايت ختم ٿي وئي آهي، گذريل ست اٺ سالن ۾ رڳو پاناما ۽ توشاخانه تي ڳالهيون ٿيون ان سڀني جي وچ ۾ عوام تي گفتگو ڪيڏانهن وئي؟ هن ملڪ ۾ سياست جو بريڪ ڊائون آهي، هڪ پاسي اسان معاشي تباهي جي ڪناري بيٺا آهيون، ٻئي پاسي ڪو به عوام جي اشو تي ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، اڄ عوام ۽ سياسي جماعتن ۾ رابطو ختم ٿي رهيو آهي، اڄ هتي جيڪي ڳالهيون ٿيون اهي پاڪستان جو درد رکندڙن لاءِ اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهن، هن چيو ته هن ملڪ جو 64 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، 70 سيڪڙو نوجوان هي ملڪ ڇڏڻ چاهين ٿا، بلوچستان ۾ اها صورتحال آهي ته ڪو ملڪ ڇڏي نٿو سگهي ته اهو پهاڙن تي موجود آهي، اڄ به اسان وٽ موقعو آهي، گوادر کي حق ڏيو تحريڪ جي واڍيله صاحب تمام سٺيون ڳالهيون ڪيون، انهن جا مطالبا آئين مطابق آهن، هن چيو ته نه ملڪ ۾ جمهوريت آهي نه ئي انساني حق آهن، ڀارت ۽ پاڪستان گڏ آزاد ٿيا، اتي پارليامينٽ مدو پورو ڪن ٿيون، سياسي جماعتون اقتدار جي رساڪشي ۾ مصروف آهن، اسان وٽ بلوچستان جي مائرن، ڀينرن، نوجوانن جي سوالن جا جواب ناهن، عدالتون خاموش آهن، منصف مسئلن تي ڌيان نه پيا ڏين، اسان اڄ تائين گم ڪيلن جي مسئلي جو حل نه ڪڍي سگهياسين،هن چيو ته  اسان هر صوبي جي راڄڌاني ۾ اهڙا سيمينار ڪرائينداسين، اسٽيبلشمينٽ جي سياست ۾ مداخلت ختم نه ڪئي، ماڻهن جي مسئلن تي ڌيان نه ڏنو ته اسان وٽ وقت تمام گهٽ رهجي ويو آهي، اڄ جيڪا گوادر ۾ جيڪا صورتحال آهي ڪو حل ڪڍڻو آهي ته تمام آسان آهي پر اسان پنهنجي انائن جا غلام بڻيل آهيون، اسان 12 منٽن ۾ هڪ شخص کي ايڪسٽينشن ڏيڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ گڏ ٿي سگهي ٿي پر ماڻهن جي مسئلن لاءِ گڏ نه پيا ٿيون، اهو اسان جي نظام تي ڪارو داغ آهي،هن چيو ته  سينيٽ جي اليڪشن ۾ سڌارا آڻي بلوچستان جا مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا، پي ڊي ايم اميد به جاڳائي ۽ غلط سياست ڪري اميد جو ڪرڻو وسايو به آهي، پنجاب ۾ به بلوچستان جهڙيون ڳالهيون هلي رهيون آهن پر سياسي جماعتون رڳو اقتدار جي جنگ ۾ مصروف آهن، معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ سياسي عدم استحڪام ختم ڪرڻو پوندو، فالٽ لائنز ختم ڪرڻيون پونديون،هن چيو ته  فرحت الله بابر صحيح چيو آهي ته ماڻهن جو رشتو آئين ۽ رياست سان ٽٽي رهيو آهي، هن قسم گفتگو گهٽي پاڙي شهر شهر ۾ نه ٿي ته اسان پنهنجو نقصان ڪنداسين، اسان چاهيون ٿا ته آئين جي عزت هجي، آئين ۾ ماڻهن کي جيڪي حق ڏنل آهن اهي ملڻ گهرجن، عدالتون انهن جي آزادي جو تحفظ ڪن، سياست آزاد هجي، اسٽيبلشمينٽ جو ڪو به رول نه هئڻ گهرجي تڏهن ئي معيشت بهتر ڪري سگهون ٿا، هن ملڪ ۾ هڪ اميد آهي ته سچ ڳالهائڻ وارن جو رشتو به موجود آهي، توهان کي اها گفتگو ڪندي شاهد خاقان، مفتاح، همايون عزيز، لشڪري رئيساڻي ملندا، اسان کي اهي ڳالهيون مين اسٽريم تائين پکيڙڻيون آهن، هن ملڪ کي هڪ نئين تصور جي ضرورت آهي، خواجا محمد هوتي چيو ته جڏهن عمران خان استيبلشمينٽ کي گاريون ڏنيون ته ڪا ڪارروائي نه ٿي، پر علي وزير به هن ئي پارليامينٽ جو ميمبر آهي اهو اڄ به قيد آهي ملڪ ۾ ٻه نه هڪ قانون هئڻ گهرجي، ڀارت پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ تبديلي آڻي ترقي ڪئي آهي، اسان کي به ايئن ڪرڻو پوندو، پ پ سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته پاڪستانين جي اڪثريت رياست کان لاتعلق ٿي رهي آهي، ان رشتي کي ڪيئن بحال ڪيو وڃي، ماڻهو لاپتا ٿي رهيا آهن، رياست انهن کي واپس آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ته اهو رشتو ڪيئن بحال ٿيندو؟ جڏهن بلوچستان ۾ چچريل لاش ملن ۽ وارث ايف آءِ آر داخل نه ڪن ۽ چون ته اسان کي رياست تي يقين ناهي ته اهو رشتو ختم ٿي ويندو، سمورا ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ر هي ڪم ڪن،  بلوچستان ۾ قومي اسيمبلي ۾ نمائندگي جڏهن پنجاب ۽ ڪي پي کان گهٽ هجي ۽ جڏهن عوام نظرانداز هجي ته ائين ئي ٿيندو، آئين جي حرمت بحال ڪري انٽيليجنس ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن ته اهو رشتو بحال ٿي سگهي ٿو، حق ڏيو تحريڪ جي اڳواڻ حسين واڍيله چيو ته گوادر سي پيڪ جو جهومر ناهي بلڪه ان تي هڪ ڪارو داغ آهي، اسان کي ڪنهن پاڳل ڪٿي چڪ ناهي هنيو جو ترقي جا مخالف ٿيون، 1987ع ۾ جيواڻي ۾ پاڻي جي فراهمي لاءِ مظاهرو ڪندڙ ماڻهو شهيد ٿيا پر اڄ تائين اتي پاڻي ناهي، لاهور ۽ سنڌ کان پنجاب تائين اربين رپين جا موٽروي بڻيا پر بلوچستان ۾ هڪ انچ به روڊ ناهي ٺهيو، اسان جا حڪمران بلوچ نوجوانن کي دهشتگرد ڪوٺيندي نٿا ٿڪجن پر اسان کي ٻڌايو وڃي ته گوادر ۾ پرامن احتجاج ڪندڙ دهشتگرد هئا، اسان جي مطالبن ۾ ٽرالنگ، منشيات فروشي ۽ غيرضروري چيڪ پوسٽن جو خاتمو شامل هو، اسان ڪا غلط ڳالهه ناهي ڪئي، شهبازشريف چوي ٿو ته گم ڪيل ماڻهن لاءِ بااختيار ماڻهن سان ڳالهائينداسين، ٻڌايو ته ڪير ” بااختيار“ آهي،؟ هتان جون سياسي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جون تاش پارٽيون بڻجي ويون آهن، سياستدان بزدل بڻجي ويا آهن، جن هن ملڪ جي اميج کي مسخ ڪيو آهي انهن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.