حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ايمل ولي خان جو رابطو، ”باچا خان ڪانفرنس“ ۾ شرڪت جي دعوت.اي اين پي جي مرڪزي اڳواڻ يونس بونيري جي اڳواڻي ۾ وفد اياز لطيف پليجو جي رھائشگاھ قاسم آباد حيدرآباد تي ملاقات ڪري کيس اسلام آباد ڪانفرنس جي دعوت پھچائي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو ته ملڪ ۾ ھن وقت حالتون اليڪشن جي طرف نه پيون وڃن. اليڪشن کان پهرين ملڪ کي اقتصادي ۽ معاشي بحران مان ڪڍڻو پوندو نه ته حالتون سريلنڪا جھڙيون ٿي وينديون جتي مهانگائي 18 سيڪڙو ھئي جيڪا بعد ۾ 60 سيڪڙو تي پھچي وئي ھئي. اياز لطيف پليجي چيو ته پاڪستان ھن وقت شديد بحران ۾ آھي، آئون خاص گذارش ڪيان ٿو عمران خان کي، نوازشريف کي، آصف زرداري کي، مولانا فضل الرحمان کي ۽ ٻين فورمن کي ته اچو ملي ڪري گڏجي ويھو پنھنجون انائون ڇڏيو پنھنجا ذاتي مفاد ۽ اقتداري خواھش پاسي تي رکي ڪري ويھو.