هنگو(م ڊ)پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته آئين ۽ اسيمبلين کي ٽوڙڻ آمرن جو ڪم آهي، جنرل اليڪشن 2023ع ۾ ٿيندي، معاشي حالتون ٺيڪ نه ٿيون ته چونڊون 6 مهينا ملتوي ڪري سگهون ٿا، پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته عمران خان ملڪ کي معاشي طور تي کوکلو ڪيو، هن ويندي ويندي پاڪستان جا معاشي طور تي هٿ پير ٻڌي ڇڏيا، هن چيو ته پاناما کي بهانو بڻائي نوازشريف کي نااهل ڪري نئون سياسي انتشار پيدا ڪيو ويو،