بلوچستان پاران رهتون نه ملڻ تي گئس بند ڪرڻ جي ڌمڪي

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان رهتن جي عدم ادائيگي تي وفاق کي گئس بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.بلوچستان جي ناڻي واري وزير زمرڪ خان اچڪزئي خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان هن وقت ڏکيائين ۾ آهي، وفاق فوري طور مدد ڪري، خيرات نه پر پنهنجو حق گهري رهيا آهيون، جيڪڏهن 75 ارب رپيا رهتون ملي وڃن ته بحران ختم ٿي سگهي ٿو.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن رهتون نه مليون ته بلوچستان مان گئس فراهمي کي بند ڪرڻ جو آپشن به موجود آهي، 18هين ترميم کانپوءِ صوبي کي اختيار حاصل آهي، صوبي مان گئس فراهمي جاري آهي، رهتون نه پيون ملن.سندس چوڻ هو ته وفاق کي مسئلن جو واضح ٻڌايو آهي، وفاق ٻڏڻ کان اڳ مدد ڪري، پي پي ايل جي ذمي بلوچستان جون 30 ارب رپين جون رهتون آهن، 15 ڏينهن ۾ رهتون نه مليون ته بلوچستان حڪومت فيصلو ڪندي.ناڻي واري وزير چيو ته اسان وفاق سان گڏ هلڻ چاهيون ٿا، ايڪا ڪمزور ٿيندا ته وفاق ڪمزور ٿيندو، جيڪڏهن گوادر، سينڊڪ ۽ ريڪوڊڪ اسان کي ڏيو ته سڄو ملڪ هلائي سگهون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.