سائين جي ايم سيد کانپوءِ سنڌ لاوارث ٿي وئي: وڪيل اڳواڻ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌو انڊس لائرز فورم طرفان سائين جي ايم سيد جي 119 وين سالگرھ ملھائي وئي، تقريب ۾ ماھرقانوندان رشيد اي رضوي،  پاڪستان بار ڪائونسل جو ميمبر اختر حسين، سپريم ڪورٽ جو سينئر وڪيل سيد غلام شاھ، سالم سلام انصاري، ضياء اعواڻ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سيد غلام شاھ چيو ته سائين جي ايم سيد ڄمندي ئي ڄام ھئا، ھن شعور ڏنو، ظلم خلاف آواز اٿاريو ۽ انگريز سامراج سامھون ٿي بيٺو، اختر حسين چيو ته سائين جي ايم سيد ھڪ نظريو ھوان وقت ويانا ڪانفرنس ۾ سائين جي ايم سيد شرڪت ڪري آزادي ڳالهه ڪئي جي  ايم سيد جي نظريي تي ھلڻ گهرجي ، مذهبي نفرت کي ختم ڪيو وڃي ۔اڄ اسان کي ھي نفرتون ڪٿي وٺي ويون آهن،جيستائين وڏيرڪو نظام ختم نه ٿيندو ھتي سڌارو نه ايندو انساني حق جي اڳواڻ وڪيل اڳواڻ ضياء اعواڻ چيو ته اسان کي گهرجي ته اسان کي سائين جي ايم سيد جي پيروي تي ھلي ڪري نفرتون ختم ڪيون،وڪيل اڳواڻ وھاب بلوچ چيو ته 1943 واري قرارداد ۾ چيو ويو ته مسلمان جي رھڻي ڪھڻي ـ الڳ آهي انهن کي الڳ جڳهه ڏني وڃي، سائين جي ايم سيد مريدن کي چيو ته مان اوھان جي برابر آھيان اوھان منهنجي برابر آهيون ،نياڻيون به آزاد آهن سب ماڻهو سب آزاد آهن ۔اڄ جي حالتن ۾ سنڌ۾ زمينن تي لکين ايڪڙ قبضا ٿي رھيا آهن ۽ لکين ڌاريا آباد ڪيا پيا وڃن ھي صوبو سائين جي ايم سيد جي وڃڻ کان پوءِلاوارث ٿي ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.