آءِ ايم ايف شين جا ريٽ وڌائڻ لاءِ چئي رهيو آهي:مفتاح اسماعيل

اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف شين جا ريٽ وڌائڻ لاءِ چئي رهيو آهي، نه وڌائينداسين ته قسط نه ملندي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته ايڪسپورٽ وڌئڻ ۽ امپورٽ گهٽائڻ کان علاوه معيشت جي بحالي جو ٻيو طريقو ناهي، معيشت جي بحالي لاءِ صنعتي زرعي پيداوار کي وڌائڻو پوندو.مفتاح اسماعيل چيو ته حڪومت کي معيشت بابت وڏا فيصلا ڪرڻا پوندا، بيورو ڪريسي ۽ سياستدانن ۾ اهليت جو فقدان آهي، اسان کي پرائيوٽائيزيشن جي قانون کي آسان ڪرڻو پوندو.هن چيو ته ڪنهن کي چور چور ڪرڻ سان ڪم نه هلندو، چور چور چونداسين ته ماڻهو نجڪاري  جي معاملي ۾ هٿ وجهڻ کان گهٻرائيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.