ڪنري ۾اٽو اڻلڀ، فلور مل جا تالا ٽوڙڻ جي ڪوشش،پوليس شهرين مٿان ڪڙڪي پئي

ڪنري (رپورٽ:وسرام چند مڪواڻا) ڪنري ۾ اٽي جي اگھه ۾ واڌ، سستو اٽو نه ملڻ، اٽو بليڪ تي وڪرو ٿيڻ ۽ انتظاميا جي نااھلي خلاف شهرين احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هڻي ميرپورخاص روڊ بند ڪري ڇڏيو، ڌرڻي سبب ميرپورخاص، عمرڪوٽ سميت ٻين علائقن ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. مظاھرين جي ڌرڻي بعد ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. مڇريل عورتن فلور مل جا تالا ۽ گيٽ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مظاھرين پوليس جون ڳالھيون ٻڌڻ کان انڪار ڪندي ڌرڻو جاري رکيو. جنھن بعد پوليس مظاھرين مٿان ڪڙڪي پئي ۽ لٺيون هڻي احتجاج ڪندڙ عورتن ۽ مردن کي ڊوڙائي ڌرڻو ختم ڪرايو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھو ته فلو مل وارا سستو اٽو نه ٿا ڏين، هنن اٽو في مڻ 4000 کان وڌائي ڇڏيو آھي، مل وارا عوام کي بيوقوف بڻائڻ پيا. انتظاميا ڪوٽا ملڻ باوجود عوام کي سستو اٽو ڏيارڻ ۾ ناڪام بڻيل آھي، احتجاج ڪرڻ تي مارڪٽ ڪئي پئي وڃي. مظاھرين جو چوڻ ھو ته صبح کان شام تائين اٽو وٺڻ لاءِ قطارن ۾ بيٺل رھون ٿا پر اٽو نه ٿو ملي، غريبن سان ظلم آھي، اسان ڏوھ ڪھڙو ڪيو آھي. مٿان وري حڪومت اٽي جي اگھن ۾ واڌ ڪري عوام مٿان مھانگائي جو بم ڪيرايو آھي. جيڪو سراسر ظلم ۽ ناانصافي آھي، مظاھرين مطالبو ڪيو ته سرڪار نوٽيس وٺي سستو اٽو فراھم ڪري فلور ۽ چڪي مالڪن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.