نيب ريفرنس واپس ٿيڻ جوابدار جي بريت ناهي: اسلام هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) احتساب عدالتن مان واپس ٿيندڙ ريفرنسز جو مستقبل ڇا ٿيندو، ان سلسلي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.عدالت عاليا جي جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر، آدم امين چوڌري ڪيس ۾ فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته ڪنهن جوابدار خلاف ريفرنس واپس ٿي وڃڻ جو مطلب ڪيس مان ان جي بريت ناهي، نيب ڪورٽن مان ريفرنس رڳو ٻين عدالتن کي منتقل ٿي سگهن ٿا.نيب قانونن ۾ ترميمن کانپوءِ احتساب عدالتن مان ڪيسن جي واپسي بابت اهم فيصلي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ريفرنس رڳو نيب کي واپس ڪرڻ جو قانون ۾ تصور موجود ناهي.عدالت حڪم ڏنو ته نيب ڪيسن کي ٻين عدالتن ۾ منتقل ڪرڻ بابت احتساب عدالتن جي هر ممڪن مدد ڪري.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيب نيون حقيقتون سامهون اچڻ تي ضمني ريفرنس به احتساب عدالت جي اجازت سان داخل ڪري سگهي ٿو،ڪائونٽ منجمد ڪرڻ جا جاري ٿيندڙ حڪم به هاڻ نيون لاڳاپيل عدالتون ئي ختم ڪري سگهن ٿيون.

سنڌ ۾ ٿڌ جي هڪ ٻي لهر اچڻ واري

ڪراچي (م ڊ) موسميات کاتي سنڌ ۾ ٿڌ جي هڪ ٻي لهر کان خبردار ڪري ڇڏيو.ڇنڇر ڏينهن ڪيل اڳڪٿي ۾ پاڪستان ميٽرولاجيڪل ڊپارٽمينٽ (پي ايم ڊي) چيو ته آچر کان ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف حصن ۾ ٿڌ جي هڪ ٻي لهر اچڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي چيو آهي ته حيدرآباد، بدين، ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ ايندڙ 5 ڏينهن تائين پارو 8 کان 6 ڊگري تائين ڪِرڻ جو امڪان آهي.بيان موجب سکر، گهوٽڪي، لاڙڪاڻي، قمبر – شهدادڪوٽ، ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، ڄامشوري، دادو، خيرپور، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ گهٽ کان گهٽ پارو 4 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن دوران موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ ۽ سومر تي پارو 7 ڊگري تائين ڪِرڻ جو امڪان آهي.

آمريڪا تي قرضن جو بار، ڏيوالي جو خطرو

واشنگٽن ( م ڊ ) آمريڪا تي قرضن جو بار پنهنجي آخري حد ڇُهڻ لڳو آهي، جنهن کانپوءِ مُلڪ جي ڏيوالي جو خطرو وڌي ويو آهي.آمريڪي صدر جو بائيڊن هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا جو قرضن جي بنياد تي ڏيوالو ٿيو ته اِها مُلڪي مالياتي تاريخ ۾ بدترين تباهي هوندي.هن چيو ته ڪانگريس جي اسپيڪر ڪيون مِڪ ڪارٿي سان ان مسئلي تي ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ته جيئن قرض وٺڻ واري حد وڌائي سگهجي.آمريڪي حڪومت قرض وٺڻ جي آخري حد 31.4 ٽريلين کي پهريان ئي ڇُهي چڪي آهي ۽ حڪومت وڌيڪ قرض وٺڻ لاءِ ڪانگريس کي راضي ڪرڻُ پوندو.آمريڪي ناڻي واري سيڪريٽري جينيٽ يلن جو چوڻ آهي ته ڪانگريس کي هڪ حل تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ بابت سنجيدا ٿيڻو پوندو ٻي صورت آمريڪا جو جون جي شروعات ۾ ڏيوالي نڪري ويندو.ڪانگريس طرفان قائم ڪيو قرض جي حد اُها وڌ کان وڌ رقم آهي جيڪا وفاقي سرڪار پنهنجي مالياتي ذميوارين لاءِ وٺي سگهي ٿي.آمريڪا۾ وفاقي حڪومت لاءِ مالياتي ذميوارين جي پورائي لاءِ قرض جي حد هن وقت 31.4 کرب ڊالر آهي جنهن ۾ ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ هنيئر تائين سئو کان وڌيڪ ڀيرا ترميم ٿي چڪي آهي.قرض جي آخري حد کي ڇُهڻ جو مطلب اِهو آهي ته آمريڪي حڪومت تيستائين قرض طور وڌيڪ رقم نٿي وٺي سگهي جيستائين ڪانگريس قرض حاصل ڪرڻ واري حد يعني حد کي وڌائڻ تي راضي نه ٿي وڃي جڏهن ته ڪانگريس ۾ اڳ ئي ڇڪتاڻ واريون حالتون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.