ن ليگ ميئر جي چونڊ ۾ پ پ جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ پنهنجو ميئر آڻڻ لاءِ سياسي رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن، صوبائي وزير سعيد غني جي سربراهيءَ ۾ پيپلز پارٽي جي وفد ن ليگ جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي.. نواز ليگ جي اڳواڻ شاهه محمد شاهه ميئر جي چونڊ ۾ پيپلز پارٽي جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، شاهه محمد شاهه چيو ته اسان ڪراچي ۾8 يوسيز تي ڪاميابي ماڻي آهي، ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي ۽ اسان جو گڏيل ميئر ايندو.پريس ڪانفرنس دوران صوبائي وزير سعيد غني چيو ته اسان جي ترجيح آهي ته جماعت اسلامي سان گڏجي ڪم ڪريون، جماعت اسلامي جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ حافظ نعيم سان ملاقات به ڪئي، ويندي، جماعت اسلامي وارا چون ٿا اسان جو ميئر اچي، اسان چئون ٿا سنگل لارجيسٽ پارٽيءَ طور ميئر اسان جو هجڻ گهرجي.هن چيو ته پ پ هن وقت ڪراچي جي سنگل ۽ لارجيسٽ پارٽي آهي، اسان جماعت اسلامي کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا، ڪراچي جي شهرين جماعت اسلامي کي به مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ اسان گڏجي شهر جي خدمت ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ميئت جا اختيار آئين توڙي قانون ۾ داخل آهن، اسان  ڪنهن کي  پنهنجي کيسي مان ڪڍي ڏيڻ نه چاهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.