جماعت اسلامي پاران ميئر لاءِ پي ٽي آءِ کان مدد طلب

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ ٿيل مڪاني چونڊن دوران مبينا ڌانڌلي جو جائزو وٺڻ لاءِ جماعت اسلامي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف چار رڪني گڏيل ڪميٽي جورڻ جو اعلان ڪيو آهي.ڪراچي جي ميئر واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه لاءِ جماعت اسلامي جي وفد پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ ۾ علي زيدي سميت ٻين پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي.جماعت اسلامي جو وفد حافظ نعيم جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ آفيس پهتو، تحريڪ انصاف ڪراچي جي صدر بلال غفار جماعت اسلامي جي وفد جي آجيان ڪئي جنهن بعد اڳواڻن جي ملاقات ٿي.پي ٽي آءِ وفد جي قيادت صوبائي صدر علي زيدي ڪئي جڏهن ٻين اڳواڻن ۾  مبين جتوئي ۽ بلال غفار شامل هئا.ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي چيو ته فارم 11 واري معاملي تي چار رڪني گڏيل ڪميٽي جوڙڻ تي اتفاق ٿيو آهي، گڏيل ڪميٽي فارم 11 ۽ چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي وارن معاملن کي ڏسندي.حافظ نعيم چيو ته اليڪشن ڪمپرومائزڊ هو، اليڪشن جي حوالي سان اسان کي سخت خدشا هئا، جماعت اسلامي ڪراچي جو ميئر آڻڻ جي پوزيشن ۾ آهي.هن چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي جائز طريقي سان کٽي ٿي ته اسان کي ڪو اعتراض نه آهي، جيڪڏهن  پ پ جائز طريقي سان چونڊون کٽي ٿي ته اسان ۾ ايترو حوصلو آهي جو اسان کين مبارڪباد ڏئي سگهون ٿا.سندس چوڻ هوته مڪاني چونڊون ٿيون ۽ عوام پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، اسان چاهيون ٿا ته جنهن کي عوام مينڊيٽ ڏنو آهي ان کي سموريون سياسي جماعتون تسليم ڪن، اسان چاهيون ٿا ته شهر ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪئي وڃي.حافظ نعيم چيو ته اختلاف راءِ باوجود جماعت اسلامي جي خواهش آهي ته اسان شهر جي بهتري لاءِ ڪم ڪيون، پي ٽي آءِ کي ڪراچيءَ جي ميئر لاءِ  مدد جي درخواست ڪئي وئي آهي.ملاقات دوران جماعت اسلامي طرفان پي ٽي آءِ کان ڪراچيءَ جي ميئر لاءِ  مدد جي درخواست ڪئي وئي پر پي ٽي آءِ جماعت اسلامي کي ڪو اثرائتو جواب ناهي ڏنو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ميئر جي چونڊ لاءِ ٻنهي پارٽين جو اجلاس بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿيو.پي ٽي آءِ ذريعن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ملاقات ۾ ڪراچي جي ٻي وڏي سياسي پارٽي هجڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ چيو ته پي ٽي آءِ 46 بدران 82 سيٽن تي ڪاميابي ٿي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان چار سيٽن وڌيڪ کٽيون آهن، گلشن اقبال، ناظم آباد، ڪورنگي ۽ مورڙي ميربحر واري تڪ تان ڪامياب ٿيا آهيون، آر او چئني سيٽن تي پي ٽي آءِ جي ڪاميابي جواعلان ڪري چڪو آهي جڏهن ته 16 اهڙيون سيٽون آهن جن ۾ فارم 11 ۽ اپينڊيڪس اي ۾ فرق آهي، اِهي سيٽون گهڻي قدر جماعت اسلامي ۽  پ پ کٽيون آهن.ذريعن موجب پي ٽي آءِ اڳوڻن جو ملاقات ۾ اِهو پڻ چوڻ هو ته 14 سيٽون اهڙيو ن آهن جن ۾ ڪجهه پولنگ اسٽيشن جو نتيجو روڪيو ويو آهي، 14 سيٽن تي پهرين ۽ ٻئي نمبر وچ ۾ پنج سيڪڙو  ووٽن جو فرق آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.