ڪراچي جو ميئر پيپلزپارٽي جو اچڻ جا امڪان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  ڪراچي جي ميئر شپ حاصل ڪرڻ لاٰءِ پيپلزپارٽي ۽ جماعت اسلامي سرگرم آهن، پر حالت مان لڳي ٿو ته جماعت اسلامي جو خواب ساڀيان نه ٿيندو، ڇو ته پيپلزپارٽي جي اها پراڻي دلي خواهش رهي آهي ته ڪراچي جو ميئر جيالو هجي.

نامياري صحافي ارشاد کوکر جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ان راند جو اهم حصو آهي، جماعت اسلامي جا اڳواڻ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ملاقات به ڪري چڪا آهن، جڏهن ته پ پ جا اڳواڻ به اداره نورالحق وڃي جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان مليا پر رڳو شڪوه ۽ شڪايتون ڪيون ويون، ميئر بابت ڳالهيون نه ٿيون، جڏهن باضابطا ڳالهيون ٿينديون ته پ پ کين ڊپٽي ميئر ۽ پنهنجي اڪثريتي ٽائونن ۾ ڪجهه چيئرمين مقرر ڪرڻ جي آڇ ڪندي، پر تاحال پ پ ميئرشپ جي عهدي تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهي.

هوڏانهن اطلاع آهن ته پ پ ان ڪري به پر اميد آهي ته پي ٽي آءِ ۾ فارورڊ بلاڪ قائم ٿيڻ جا امڪان آهن، جيڪو گروپ پ پ سان گڏ هلڻ چاهي ٿو پ پ به ان کي ڪجهه ٽائونز ۾ چيئرمين جا عهدا ڏئي سگهي ٿي، جماعت اسلامي کي ته پ پ هڪ صوبائي  صلاحڪاري به ڏئي سگهي ٿي، پر ميئر جو عهدو نه ڏيندي، هاڻي اهي شخصيتون به مزدور جي شڪل ۾ اينديون جن جي گهرن ۾ نوڪر ڪم ڪري رهيا هئا ڇو ته انهن کي مزدورن جي مخصوص سيٽن تان چونڊ وڙهڻي آهي.

رهيو سوال نجمي عالم جي هٿ ۾ به ميئر جي لڪير ناهي، سعيد غني يا مرتضيٰ وهاب جي ميئر ٿيڻ جا امڪان نظر اچي رهيا آهن،ڇو ته پ پ کي 50 سالن کانپوءِ ڪراچي ڳر مينڊيٽ مليو آهي، ان ڪري موقعو هٿ مان وڃائڻ لاءِ تيار ناهي، پ پ اڳواڻن جي اها به دعويٰ آهي ته پي ٽي آءِ جا 13 ساڻن رابطي ۾ آهن جيڪي فارورد بلاڪ ٺاهي سگهن ٿا.

نوٽ:هي تجزيو روزاني عوامي آواز آچر 23-01-22 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.