سنڌ ۾ ڪرپشن عروج تي آهي، اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل ناهي ٿي: عمران

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ملازمت جي مدي ۾ واڌ کانپوءِ اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا شريفن سان سودو ڪيو.نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ڪراچي ۾ چونڊون ته ٿيون ئي نه، ڪراچي جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ شعور وارا آهن، اهي پ پ کي ڪيئن ٿا چونڊي سگهن؟هن چيو ته چونڊن ۾ پوليس، انتظاميا سڀ ڌانڌلي ۾ ملوث آهن، ڪراچي ته هاڻ کنڊر بڻجي ويو آهي، صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ظلم ۽ ڪرپشن عروج تي آهي، مان ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ويندس.سندس چوڻ هو ته اهڙيون چونڊون ڪرائڻ کان بهتر آهي ته نه ڪرايو، اليڪشن ڪميشن کي نيوٽرل ٿيڻ گهرجي، انهن اسان جي خلاف به 7 کان 8 ڀيرا غلط فيصلا ڏنا.عمران خان وڌيڪ چيو ته خبر هئي مون تي حملو ٿي سگهي ٿو، حملي کانپوءِ ايف آءِ آر تائين نه ڪٽرائي سگهيس، هتي انصاف صفا ختم ٿي ويو آهي، جيستائين نظام ٺيڪ نه ٿيندو معيشت ٺيڪ نه ٿيندي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته منهنجي نئين آرمي چيف سان ملاقات ناهي ٿي پر اڳوڻي آرمي چيف واڌ کانپوءِ شريفن سان سودو ڪيو ۽ ان کانپوءِ حڪومت سڀني ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو.پنجاب جي نگران وڏي وزير تي ڳالهائيندي هن چيو ته نگران وڏي وزير لاءِ آصف زرداري جي فرنٽ مين جو نالو ڏنو ويو، اسان ڪڏهن به اهڙو وڏو وزير قبول نه ڪنداسين، هن چيو ته پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ سڀ کان طاقتور ادارو آهي، جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ هڪ ڀيرو ڪا شئي نه چاهي ته هن ملڪ ۾ اها نٿي ٿئي، ڪراچي ۾ ته مڪاني چونڊ ٿي ئي ناهي، ڪراچي جو عوام باشعور آهي اهو ڪيئن پ پ کي چونڊي سگهي ٿو؟ اهو پوليس انتظاميا، اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت جي ڌانڌلي سان مذاق ڪيو ويو آهي، تنهنڪري مڪاني چونڊ ڪالعدم قرار ڏني وڃي، هن چيو ته منهنجي نئين آرمي چيف سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي، اسان اميد ڪري رهيا هئاسين ته جنرل باجوا جي وڃڻ کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل ٿيندي پر اها اڃا نيوٽرل ناهي، پنجاب ۾ مسٽر ايڪس اينڊ واءِ پرويز الاهي ۽ اسان جي ايم پي ايز کي ڌمڪيون ڏنيون ته توهان جا ڪرپشن ڪيس سامهون آڻينداسين، پورو زور لڳايو ته سڀ ن ليگ سان ملي وڃن، هن چيو ته انهن چيو ته اسان عمران خان تي ڪاٽو لڳايو آهي ان کي هاڻي وساري ڇڏيو، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ” انهن“ تاريخ مان ڪجهه نه سکيو، اليڪشن ڪميشن کي نيوٽرل ايمپائر هئڻ گهرجي ها پر اها ن ليگ ۽ هينڊلرز جي ايتري ڪنٽرول ۾ آهي ته 8 کان 9 ڀيرا ان تحريڪ انصاف جي خلاف  فيصلو ڏنو آهي جنهن لاءِ اسان کي عدالت وڃڻو پيو ۽ اتي اسان جي حق فيصلو ٿيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.