مني لانڊرنگ ڪيس: ايف آءِ اي سليمان شهباز کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي

لاهور (م ڊ) لاهور جي ايف آءِ اي سينٽرل عدالت ۾ سلمان شهباز جي  مني لانڊرنگ جي الزام ۾ داخل ڪيس ۾ ايف آءِ اي تفتيشي آفيسر طرفان  بي گناهه قرار ڏيڻ جي بيان بعد سلمان شهباز ۽ شريڪ ملزم طاهر نقوي عارضي ضمانتن واري درخواستون واپس وٺي ڇڏيون. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 4 فيبروري تائين ملتوي ڪندي سلمان شهباز ٻين جوابدارن کي طلب ڪري ورتو جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي سلمان شهباز ۽ طاهر نقوي جي بريت تي بحث ڪئي ويندي. ايف آءِ اي جاچ آفيسر بيان ڏنو ته جوابدارن خلاف مني لانڊرنگ ۽ ڪڪ بيڪس جا شاهد نه مليا، جوابدار بي گناه آهن، هوڏانهن پي ٽي آءِ سليمان شهباز شريف سميت ٻين ليگي اڳواڻن جي ڪرپشن ڪيسن ۾ بريت خلاف عدالت سان رابطو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.