لاهور اسڪول ۾ شاگردياڻي تي تشدد جي هڪ ٻي وڊيو وائرل

لاهور (م ڊ) لاهور جي علائقي ڊفينس جي نجي اسڪول ۾ شاگردياڻي جي تشدد جي معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.ڊفينس جي نجي اسڪول ۾ نشي کان روڪڻ تي هڪ شاگردياڻي کي ساٿي شاگردياڻين تشدد جو نشانو بڻايو هو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي منظر تي آئي آهي.هاڻ واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.هوڏانهن لاهور جي مقامي عدالت شاگردياڻي تي تشدد ڪندڙ ٽن شاگردياڻين جي گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي، هوڏانهن شاگردياڻين جي ٽولي طرفان ساٿي شاگردياڻي تي تشدد جي هڪ ٻي وڊيو سامهون اچي وئي.وڊيو ۾ ڇوڪريون شاگردياڻي کي معافي جو چئي رهيون آهن، متاثر شاگردياڻي کين هر هر ڇڏڻ جي اپيل ڪري ٿي، پوءِ ڇوڪريون کيس هيٺ ڪيري تشدد جو نشانو بڻائڻ شروع ٿيون ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.