سڪرنڊ ۾ اٽي جي کوٽ ۽ فلور ملز انتظاميا پاران اگهن ۾ واڌ خلاف الڳ الڳ مظاهرا، ڌرڻا

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ ۾ اٽي جي کوٽ ۽ فلور ملز انتظاميا پاران اٽي جي اگھن ۾ واڌ خلاف قومي شاهراھ ۽ نوابشاھ روڊ تي فلور ملن اڳيان ھڪ ئي وقت ٻه الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، سوين عورتن ۽ مردن پاران  احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا،مظاهرين سڄڻ کوسو، مرتضي ڪنڀر، مسمات شانتي ٻائي، مسمات ريشمان ۽ ٻين پاران اٽي جي اگھن ۾ واڌ خلاف قومي شاهراھ ۽ نوابشاھ روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو، ڌرڻن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ روڊ جي ٻنھي پاسن کان گاڏيون بيھجي ويون. ان موقعي تي متاثرن ميڊيا آڏو دانھيدي چيو ته فلور ملز انتظاميا 650 مان اچانڪ 10 ڪلو اٽي جو ڪٽو 1000 ڪري ڇڏيو آھي جنھن کانپوءِ اسان غريب مسڪين ماڻھو مھانگو اٽو وٺڻ لاءِ پريشان آھيون، ھنن چيو  ته فلور ملز انتظاميا ھڪ  ته سستو اٽو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي سوين بيٺل ماڻھن جي لائين ۾ صرف ڪجھه ماڻھن کي اٽو ڏين ٿا، ھنن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اٽو سستي اگهه تي وڪرو ڪري غريب ماڻھن لاءِ آساني ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.