عثمان شاهه هڙي لڳ زال جي آپگهات بعد مڙس به زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

عثمان شاھ ھڙي ( ن ع آ) عثمان شاھ ھدڙي ڀرسان ڳوٺ موريو ساند ۾ زال ۽ مڙس پاران مبينا طور خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو مشائخ هوٿي ٿاڻي جي حد ۾ 3 ڏينهن اڳ شادي شده ناري نالي  پارسان ڀيل پاران مبينا طور گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪيو ويو جنهن واقعي بعد مشائخ هوٿي پوليس  پاران ناري جي مڙس ۽ ٻين کان واقعي بابت پڇا ڳاڇا پڻ ڪئي وئي هئي ۽ ذريعن موجب ناري جي واقعي جي شڪ ۾ پوليس پاران سندس مڙس نگيو ڀيل کي ڪجھ ڪلاڪن لاء لاڪپ ۾ پڻ رکيو ويو هو جنهن بعد ناري جي ڀائرن کيس آزاد ڪرايو پوليس جي لاڪپ مان آزاد ٿيڻ بعد رات دير سان ناري پارسان جي مڙس پاران مبينا طور گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪرڻ واري واقعي تي پوليس تي پڻ سوال اٿڻ لڳا آھن علائقي جي سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آھي ته پوليس ناري جي مبينا آپگهات ۾ ڪا به اڳڀرائي رپورٽ پيش ناهي ڪري سگهي ۽ وڌيڪ هڪ انساني جان ضايع ٿي وئي واضع رهي ته ناري پارسان ۽ سندس مڙس نگيو ڀيل 5 ٻارڙن جا والدين هئا سندن فوتگي بعد گهر جي ڪفالت وارو نگيو ڀيل جو پيرسن پيء آهي جيڪو پڻ پيرسن هجڻ ڪري گهر اندر لاچار آھي علائقي سياسي سماجي ڌرين پاران ايس ايس پي  ٽنڊوالهيار ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شفاف جانچ ڪرائي وڃي ۽ واقعي جي حقيقت  سامهون آندي وڃي ۽ ٻارڙن جي ڪفالت لاء پڻ سرڪار کي جوڳا قدم کڻڻ گهرجن جڏهن ته مبنيا طور خودڪشي ڪندڙ  زال ۽ مڙس جو واقعو ڳجهارت بنيل آهي.

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.