ڊگھڙي (رپورٽر) ڊگهڙي بائي پاس تي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار رزاق گجر روڊ ڪري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور تي تعلقي اسپتال ڊگهڙي آندو ويو جتي کيس طبي امداد فراهم ڪئي وئي.
-
سوڀوديرو ۾ عورت تي حملي خلاف جوابدارن مٿان ڪيس داخل
سوڀوديرو (ن ع آ) سوڀوديرو پوليس فريادي محمد علي حطار جي فرياد تي جوابدار ھرھڪ ڪامران ، حب علي ، مسمات ڪامل ، مسمات سائڻ ، مسمات انيلان عرف گڏي سڀ زات حطار مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آھي فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته منھنجي ڀيڻ مسمات اسمان حطار جنھن کي مڙس ڪامران سميت مٿين جوابدارن لٺين سان حملو ڪري سخت تشدد ۾ زخمي ڪري بي ھوش ڪري موتمارڌمڪيون ڏئي فرار ٿي ويا آھن انصاف ڪيو وڃي.
-
خيرپور: قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي
خيرپور(ڊ ر) خيرپور ۾ قومي شاھراهه تي جنگل هوٽل ڀرسان تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا اظهر منگي ۽ امتياز علي لوڌي سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اڪنامڪ زون پوليس ٽرالر ڊرائيور فخر عالم کي ٽرالر سميت تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.