لاڙڪاڻي جي خانگي ڪلينڪ ۾ٻارڙي فوت،ڊاڪٽرن تي لاپرواهي جو الزام ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي وليد ٿاڻي جي حد ميروخان چوڪ واري علائقي جي خانگي ڪلينڪ ۾ شهر ڀرسان لهر باءِ پاس جي ڳوٺ پيارو خان عمراڻي واسي پورهيت محرم علي عمراڻي جي هڪ سال جي نياڻي رضوانه  عمراڻي علاج دوران فوت ٿي وئي جنهن جي وارثن ڊاڪٽرن ۽ ڊسپينسر مٿان غفلت جو الزام لڳائيندي ڪلينڪ ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي فوتي ٻارڙي جي والد محرم علي عمراڻي پنهنجي وارثن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته منهنجي هڪ سال جي نياڻي رضوانه معدي جي تڪليف سبب الٽي جي بيماري ۾ مبتلا هئي جنهن کي مون اڄ صبح 10 هين وڳي ڊاڪٽر سڌام چند جي ڪلينڪ تي آندو جتي ڊاڪٽر طبي معائنو ڪري ڊرپ لڳائڻ جو چيو ان تي ڊسپينر راحيل پٽ هدايت الله مهيسر منهنجي نياڻي کي غلط انجيڪشن هنئي جنهن جي نتيجي ۾ منهنجي نياڻي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي جنهن کان بعد مون ڊاڪٽر سڌام چند سان ملاقات جي ڪوشش ڪئي پر هو شڪايت کان اڳ پنهنجو ڪلينڪ ڇڏي فرار ٿي ويو جن منهنجي معصوم نياڻي جو خون ڪري مون سان ظلم ڪيو آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معصوم نياڻي جي علاج ۾ غفلت ۽ لاپرواهي جو مظاهرو ڪندڙ ڊاڪٽر سڌام چند ۽ ڊسپينر راحيل مهيسر خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن اطلاع تي حد جي وليد ٿاڻي جي پوليس پهچي وارثن کي انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن تي وارثن ڌرڻو ختم ڪري ٻارڙي جو لاش چنگچي رڪشا تي کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.