لاڙڪاڻي ويجهو ٽريڪٽر تان ڪري چئن ٻارن جو پيءٌ فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ڀرسان بقاپور ٿاڻي جي حد ننڍا مهر روڊ تي مٽي سان ڀريل تيز رفتار ٽريڪٽر تان ڪِرڻ جي نتيجي ۾ شهر جي الهه آباد واسي 35 سالا چئن ٻارن جو پورهيت پيءُ وزير علي چهواڻ ٽريڪٽر هيٺيان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو جنهن جو لاش ڊرائيور ۽ ٻين مزدورن کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران پورهيت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي جنهن تي وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي ٽريڪٽر ڊرائيور علي ڪلهوڙو ٻڌايو ته اسين ٽريڪٽر تي مٽي ۽ واري کڻي شهر جي مختلف علائقن ۾ وڪرو ڪندا آهيون، اڄ معمول موجب درياهه تان ٽريڪٽر ۾ مٽي ڀرائي شهر جي الهه آباد پاڙي وڃي رهيا هئاسين ته ننڍا مهر روڊ تي پورهيت وزير علي چهواڻ ٽريڪٽر تان ڪِري چيڀاٽجي فوت ٿي ويو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي پورهيت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.