مٽياري ۾ٽرڪ جو چنگچي کي ٽڪر، 2 عورتون فوت

مٽياري ( ڊ ر) مٽياري ويجھو کيبر نيشنل ھا وي تي ھالا کان حيدرآباد ويندڙ روڊ تي نرسري وٽ ڪمند سان ڀريل ٽرڪ چنگچي رڪشا سان  ٽڪرائجي وئي جنھن سبب چنگچي رڪشا جو سوزڪي سان زور دار ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ چنگچي ۾ سوار 2 عورتون موقعي تي فوت ٿي ويون جڏھن تہ ھڪ نوجوان سوزوڪي جو ڪلينڊر سخت زخمي ٿي پيو فوتي عورتن جي سڃاڻپ 55 سالا شھرو زال جان محمد ماڇي ويٺل اڏيرولعل اسٽيشن جڏھن تہ ٻي عورت نالي ڀاڳ ڀري زال ڪيول باگڙي رھائش سيکاٽ لڳ آخوند جو کوھ جڏھن تہ زخمي نوجوان جي سڃاڻپ اياض ولد فياض خاصخيلي رھائشي مٽياري سخت زخمي ٿي پيو ۽ ھوڏانھن کيبراڻي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي عورتن کي کيبر رورل ھيلٿ سينٽر پھچايا جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا  ھوڏانھن ڪمند سان ڀريل ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جڏھن تہ ٽرڪ پوليس پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.