ڪراچي ۾حادثو، ميان صاحب واسي ڳوٺاڻو فوت

سلطان ڪوٽ (ن ع آ) ڪراچيءَ جي لانڍي واري علائقي شيرپائو ۾ اسٽار گرائونڊ ويجهو موٽر سائيڪل ۽ رڪشا ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ  سبب شڪارپور ضلعي جي ميان صاحب ٿاڻي جي ڳوٺ قادر بخش ڪيهر جو رهواسي 55 ورهين جو اڌڙوٽ محمد صالح ڪيهر سخت زخمي، اسپتال نيندي زخمن جا نه سهندي تڙپي تڙپي فوت، اسپتال انتظاميا پاران روڊ حادثي دوران فوت ٿيل اڌڙوٽ جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،رابطو ڪرڻ تي وارثن جو چوڻ هيو ته محمد صالح ڪيهر ڪراچي جي مختلف خانگي فيڪٽرين ۾ پورهيت طور ڪم ڪندو هيو، ڪالهه به هُو فيڪٽري طرف وڃي رهيو هو ته اسٽار گرائونڊ وٽ موٽر سائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن دوران واقعي واري هنڌ تي بيٺل ماڻهو نازڪ حالت ۾ محمد صالح کي اسپتال کڻائي ويا، پر سورن جي سٽ نه سهندي محمد صالح ڪيهر دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، هوڏانهن پورهيت جو لاش گهر ڪراچي کان اباڻي ڳوٺ پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو، جنازي نماز بعد پورهيت کي سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي، پورهيت پنهنجي سوڳوارن ۾ گهرواري ۽ 3 پٽ پڻ ڇڏيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.