سامارو ( ن ع آ ) سامارو لڳ ڳوٺ مکي امولک مھيشوري جو رھواسي نوجوان جيوڻ پٽ انور کوسو گم۔ اغوا جو شڪ . وراثن پاران 24 ڪلاڪن جي ڳولھا ڪرڻ باوجود نوجوان ھٿ نه اچي سگھيو ساماري ڀرسان ڳوٺ مکي امولک داس مهيشوري جو رهواسي نوجوان جيوڻ پٽ انور کوسو گهر ۾ ڪاج جي دعوت ڏيڻ لاء نڪتل واپس گهر پهچي نه سگهيو آھي گم ٿيل نوجوان جيوڻ کوسو جي 2 ڏينهن اڳ ۾ شادي ٿي ھئي جنهن کانپوء ڀيڻ جي شادي رکيل ھئي جنهن جي سندس برادري ۾ دعوت ڏيڻ لاء گھران نڪتو 24 ڪلاڪن گزرڻ باوجود واپس نه پھتوـ والد انور ٻڌايو ته اسان کي شڪ آهي ته نوجوان کي ڪنهن اغوا ڪيو ويو آهي.