تانيا خاصخيلي قتل ڪيس، موٽرسائيڪل عدالت ۾ آندي وئي، ٻڌڻي ملتوي

سيوهڻ (رپورٽ: خالد ميمڻ) تانيا خاصخيلي قتل ڪيس جي سيوهڻ جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، ايڊيشنل سيشن جج سيوهڻ جي عدالت ۾ تانيا خاصخيلي جي ڀيڻ ۽ ڪيس جي فريادڻ دعا خاصخيلي وڪيل صمد خاصخيلي سميت پيش ٿي، جڏهن ته جوابدار خان محمد عرف خانو نوحاڻي ۽ سندس وڪيل فيض محمد چانڊيو به عدالت آڏو پيش ٿيو. ٻڌڻي تي قتل ڪيس جا شاھد پڻ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران شاھدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جا بيان ورتا ويندا، ھوڏانھن تانيا خاصخيلي قتل ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل به عدالت ۾آندي وئي جنهن بعد عدالت تانيا خاصخيلي ڪيس جي ٻڌڻي 4 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻئي طرف ڪيس جي فريادڻ دعا خاصخيلي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ته ڀيڻ تانيا جي خون سان انصاف ٿيڻ تائين قانوني جنگ جاري رھندي، 5 سالن کان تانيا خاصخيلي جي قتل ڪيس ۾ انصاف لاءِ عدالت اچون پيا، عدالت مان انصاف جي اميد آهي، ياد رھي تي جوابدار خان محمد عرف خانو نوحاڻي 5 سال اڳ 7 سيپٽمبر 2017ع تي زبردستي شادي کان انڪار ڪرڻ تي تانيا خاصخيلي کي گهر اندر قتل ڪيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.