ڊگهڙي جي نوجوان ناري مبينا طور اغوا، ڪيس داخل

ڊگھڙي(ن ع آ)ڊگهڙي جي نوجوان ناري مبينا طور اغوا ٿي وئي، ڪيس داخل ڪيو ويو، ڊگهڙي شھر جي ميرجان محمد ڪالوني جي رهواسي  مختيار علي ولد نورمحمد خاصخيلي ڊگھڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ضلع بدين جا رهواسي هاشم ولد مصري خاصخيلي، نذير احمد ۽ ممتاز علي ولد هاشم خاصخيلي ۽ اصغر علي ولد نذرمحمد خاصخيلي هٿيارن جي زور تي اسان جي گهر ۾ داخل ٿي منهنجي 22ورهين جي نياڻي سميره کي اغواڪري گاڏي ۾ کڻي فرار ٿي ويا پوليس ڪيس داخل ڪري ڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.