ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ ڏيڍ مھينو اڳ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد باءِ پاس تان ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويل نينگر سينگار ملڪ کي پوليس پُر اسرار نموني بازياب ڪرائي ورتو آھي بازياب ٿيل نينگر جي ايس ايس پي سان گڏ سندس جي آفيس ۾ نڪتل تصوير پوليس پاران سوشل ميڊيا تي رکي وئي آھي جڏھن ته پوليس پاران اھڙو ڪو به بيان جاري نه ڪيو ويو آهي ته ڪڏھن ۽ ڪٿان نينگر بازياب ٿيو آهي نينگر جي بازيابي تي سندس جي گھر ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي ضلعي اندر وڌنڌڙ بدامني سبب اڃان تائين عوام ۾ خوف وارو ماحول آهي،