جاتي ۾ سستي اٽي جو اسٽال نه لڳائڻ خلاف شهرين جو احتجاج

جاتي(ن ع آ)جاتي ۾ شهري ايڪشن ڪميٽي  جاتي پاران سسٽي اٽي جو اسٽال نه لڳڻ  خلاف عادل لغاري، عارب ملاح، عبدالڪريم ميربحر جي اڳواڻي ۾ مختيار ڪار آفيس اڳيان بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي انهيئَ موقعي تي اڳواڻن بک هڙتالي ڪيمپ کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جي غلط پاليسين سبب مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي پورهيت طبقو هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان ۽ بيروزگاري حد کان وديل آهي هنن چيو جاتي پسمانده علائقو آهي جي روزگار جا وسيلا نه هئڻ برابر آهن جنهن ڪري ماڻهون بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن هنن چيو ته سنڌ حڪومت جون ڪوڙيون دعوائون ظاهر ٿي رهيون آهن سنڌ حڪومت جاتي ۾ سستي اٽي جو اسٽال نه لڳاءِ سگهي آهي هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته جاتي ۾ سستي اٽي جو اسٽال لڳاءِ غريبن کي سستو اٽو مهيا ڪري ڏنو وڃي.

  • سيٺارجا: محرم علي لنڊ جي پاڙي جي مسجد مان بيٽري چوري

سيٺارجا(ن ع آ) سيٺارجا شهر جي پاڙي محرم علي لنڊ جي مسجد مان نامعلوم چور مسجد جي دري ڀڃي بيٽري چوري ڪري ويا، واقعي جي سيٺارجا ٿاڻي تي اين داخل ڪرائي وئي، جڏهن ته سيٺارجا ٿاڻي جي حد مان چوريون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، علائقي واسين پاران بيٽري واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

  •  لاڙڪاڻي ۾ رولو ڪتن جو آزار، 15 ڄڻا ڏاڙهي زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀروارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، رولو ڪتن هڪ ئي ڏينهن 15 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو آهي جن ۾ 4 سالن جو نجيب الله، 7 سالن جي فصيلا بيبي، 12 سالن جو عبدالرحمٰن، 25 سالن جو رمضان، 2 سالون جو عمير علي، 10 سالن جو ايمان علي، 12 سالن جو وزير علي، 60 سالن جو محمد جمن، 5 سالن جي دادلي، 10 سالن جو حسنين، 6 سالن جي دعا بيبي، 60 سالن جي سڀائي خاتون، 38 سالن جو غلام مرتضيٰ، 2 سالن جو علي گل ۽ 21 سالن جي صائمه شامل آهن جن کي سندن وارثن ڌار ڌار زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو. ان حوالي سان سينٽر جي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته رولو ڪتن جي ڏاڙهيل زخمين جو واسطو لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀروارن علائقن سان آهي جنهن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن جن کي بروقت ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.