گلشن حديد يوسي 4 جي پ پ اميدوارن پاران ٻيهر ڳڻپ جي اپيل رد

کوکراپار(رپورٽ عنايت قمبراڻي) گلشن حديد يوسي 4 ۾ 15 جنوري تي ٿيل مڪاني چوندن ۾ جماعت اسلامي کان هارايل پ پ اميدوارن طرفان رٽرننگ آفيسر کي ڏنل ووٽنگ جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست رد ڪري نتيجن جي آخري اعلان ۾ جماعت اسلامي اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي جنهن خلاف چيئرمين جي اميدوار رائو صفدر ۽ وائيس چيئرمين اميدوار پ پ ملير جي انفارميشن سيڪريٽري مير عباس عوامي پريس ڪلب ملير پهچي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جماعت اسلامي 4 پولنگ اسٽيشنن علامه اقبال اسڪول، مونيٽري هوم اسڪول ، ڀيل ڪاليج ۾ ٺپا هڻي ڌاندلي ڪري جماعت اسلامي کي زوري کٽايو ويو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.