نئون ڪوٽ: ڊي سي ميرپورخاص جي حڪم کي فلور ملز ۽ اٽي چڪي مالڪن ٿڏي ڇڏيو

نئون ڪوٽ (ن ع آ) ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص جي حڪم کي فلور ملز ۽ اٽي چڪي مالڪن ٿڏي ڇڏيو۔ سادو اٽو 130 کان 140 رپيا ڪلو جڏهن تـ سپرفائن اٽو ڏيڍ سئو کان 160 روپيـ ڪلو وڪامي رھيو آهي، ڊپٽي ڪمشنر  ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ طرفان گذريل ڏينھن جاري ڪيل نوٽيفيڪشن ۾ چڪي مالڪن کي 105 روپيـ ڪلو ۽ فلور ملز کي 98 روپيـ اٽو في ڪلو وڪڻڻ جون سختي سان حڪم ڪندي حڪم تي عمل نـ ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي جو چتاءُ ڏنو ھو تـ چڪي توڙي فلور ملز مالڪن طرفان اٽي جي ريٽ ۾ ڪو بـ فرق نه آيو آهي، غريبن جون دانهون نڪري ويون، اٽي جا اگهه گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي نئون ڪوٽ فلور ملز ايسوئيشن اڳواڻ طرفان ڪالهه کان ھڪ فيبروري تائين ڏھ سئو پنجاھ ۾ 10 ڪلو فائن اٽي جي فراھمي شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.