سڪرنڊ: پنج ڏينهن اڳ ڪراچي مان کنڀيل ٻن نوجوانن جي آزادي لاءِ وارثن جو احتجاج

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ شهر جي اسلم ڪالوني جي رهواسين عزيز بانو ، خير بانو ، علي بخش لاکو، محمد عاقل ۽ معصوم ٻارڙن سميت احتجاج ڪندي چيو ته پنج ڏينهن اڳ پوليس پاران ڪراچي جي گذري واري علائقي ۾ پورهيو ڪندڙ نوجوان امام بخش لاکو ، محمد بخش لاکو کي پوليس ۽ ٻين ادارن پاران کنڀيو ويو آهي، ڇو ته سندس والد علي رضا لاکو قومپرست پارٽي جو اڳواڻ هو، ان جي عيوض ۾ سندس نوجوان پٽن کي گرفتار ڪري کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جيئن ته اسان گهر ڀاتين ۽ سندس پٽن جو علي رضا سان ڪو به تعلق نه آهي، هو اسان کي ڇڏي هليو ويو آهي اسان ان کان پهريان به لاتعلق رهيا آهيون، هنن اعليٰ ادارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي نوجوانن کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.