دادو ڀرسان هٿياربندن جي ڪاهه، شاپنگ سينٽر مان لٽ مار، احتجاج

دادو (ڊ ر) دادو ڀرسان خدا آباد ٿاڻي جي حد ۾ رات دير سان هٿياربندن شاپنگ سينٽر تي مقرر چوڪيدار کي يرغمال بڻائي سينٽر ۾ قائم دوڪانن جا تالا ٽوڙي لکين روپين جي لٽ مار ڪرڻ بعد چوڪيدار کي به اغوا ڪري ويا، هٿياربندن چوڪيدار کي خدا آباد شاخ ڀرسان هٿ پير ٻڌڻي ڦٽو ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، واقعي بعد متاثر دوڪاندارن ۽ علائقي واسين عقيل ميمڻ، شبير، مظهر پنهور، منظور مستوئي ۽ ٻين پوليس خلاف انڊس هائي وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري پوليس خلاف شديد نعري بازي ڪئي، مظاهرين دانهيو ته خدا آباد ٿاڻي جي حد ۾ روز ڦرون چوريون ڌاڙا معمول بڻيل آهن پوليس اگهور ننڍ ستل آهي پوليس علائقي کي ڏوهارين حوالي ڪري ڇڏيو آهي شهري روز ڦرجي رهيا آهن، مظاهرين مطالبو ڪيو آهي ته ايس ايڇ او خدا آباد کي هٽائي ڦورن چورن خلاف ڪاروائي ڪري ڦر ٿيل سامان رقم واپس ڪرائي وڃي.

  • خيرپور: گمبٽ ۾ ڊوائيز مافيا جي 4 جوابدارن خلاف صحافين مٿان حملي جو ڪيس داخل

خيرپور (س ر) خيرپور ضلعي جي گمبٽ تعلقي ۾ ويجهو ڳوٺ ابوبڪر سولنگي ۾ بينظير  انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم مان مستحق عورتن جي 7000 واري رقم مان غيرقانوني ڪٽوتي خلاف صحافين پاران ڪوريج ڪرڻ تي ڊوائيز مافيا جوابدارن حملو ڪري صحافين کي زخمي ڪري وڌو، جنهن بعد گمبٽ ٿاڻي صحافي بلاول ناريجو جي فرياد تي 4 جوابدارن  مظهر لاکو، شاهد ڄامڙو ، زاهد سولنگي، بشير ناريجو جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، هن سلسلي ۾ خيرپور جي مختلف علائقين پريالوءِ ، ڪوٽ ڏيجي، خيرپور، نارو، فيض گنج ۾ گمبٽ پوليس جي ڊوائيز مافيا سان ڳٺ جوڙ هجڻ خلاف صحافين احتجاج ڪيا ۽ مطالبو ڪيو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي فل فور گرفتار ڪري جيل موڪليو وڃي.

  • کوکراپار ۾ گهر اندر سلينڊر ڦاٽڻ سبب 5 گهر ڀاتي زخمي

کوکراپار(رپورٽ عنايت قمبراڻي) ملير جي علائقي غازي ٽائون ڀاون شاھ موڙ ڀرسان گلشن آمنه جي  رهواسي  اورنگزيب خان  جي گھر ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن سبب سڄو علائقو لڏي ويو ۽ گهر جو هڪ حصو ڪري پيو جنهن جي نتيجي ۾  ٻارن ۽ عورتن سميت پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا مليرسٽي پوليس ۽ رينجرز ڌماڪي واري ھنڌ پھچي ويا  امدادي ڪاروائي شروع ڪندي  زخمين کي  جناح اسپتال نيو ويو.  ڌماڪي سان گھر جي۾ وڏو سوراخ ٿي ويو. جنھن سبب سڄو گھر ڪرڻ جو خطرو. پيدا ٿي ويو  آھي ڌماڪي سبب زخمي ٿيندڙن ۾ اورنگزيب ولد نامعلوم عمر 50سال،پير محمد ولد غلام نبي عمر 22سال،شاهينا زال  اورنگزيب عمر 40سال ثانيا عمر 16سال،سونيا ڌي  عمر25سال شامل آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.