ميرپورخاص:چاهيندڙ سان ملڻ لاءِ گهران نڪتل ناري سان رڪشا ڊرائيور جي زيادتي، جوابدار گرفتار

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپوخاص ۾ پنهنجي  چاهيندڙ سان ملڻ لاءِ گهران نڪتل ميرواهه گورچاڻي جي رهواسڻ 16ورهين جي ارم راجپوت سان وحشي صفت رڪشا ڊرائيور ممتاز عرف منڊو پاران مبينا طور  لڄالٽ جو  نشانو بنائڻ واري واقعي گرفتار جوابدار کي وومين ٿاڻي جي پوليس ميرپورخاص جي عدالت ۾ پيش ڪري وڌيڪ جاچ لاءِ پوليس رمانڊ جي استدعا ڪرڻ تي عدالت گرفتار جوابدار کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، جڏھن ته ناري ارم پاران مائٽن سان گڏ نه وڃڻ جو بيان ڏيڻ تي عدالت ناري کي سيف هائوس موڪلڻ جون هدايتون ڏيڻ تي پوليس پاران ناري کي سيف هائوس هايو ويو ، عدالت ۾ پيشي بعد لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناري ارم صحافين کي ٻڌايو ته  کاڻ جي رهواسي عامر سان پيار ڪندي آھيان ۽ عامر به مون سان پيار ڪري ٿو، عامر سان ملڻ لاءِ پهچڻ بعد عامر جي والد سان ملاقات ٿي جنهن ڪجھه دير بيهڻ جو چيو، ان دوران عامر جي والد پاران مون کي مارڻ لاءِ ڏنڊو کڻي اچڻ جي خبر پوڻ تي خوف ۾ اتان ساڳي رڪشي ۾ چڙھي فرار ٿيس ته  رڪشا ڊرائيور مون کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو، هن چيو ته آءُ عامر سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي، رڪشا ڊرائيور سان شادي ڪرڻ جي سوال تي هن چيو ته  منڊي رڪشا ڊرائيور سان شادي نه ڪنديس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.