پيٽروليم وزارت عوام کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم وزارت ملڪ ۾ تيل جي کوٽ جو امڪان رد ڪري ڇڏيو آهي.

پيٽروليم وزارت موجب ملڪ ۾ تيل جا گهربل ذخيرا موجود آهن، کوٽ جو ڪو به امڪان ناهي، پي ايس او وٽ پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جو مناسب ذخيرو موجود آهي، ان کانسواءِ تيل فراهم ڪندڙ ڪمپنين وٽ به تيل جو مناسب ذخيرو آهي.

پيٽروليم وزارت عوام کي اپيل ڪئي آهي ته افواهن ۽ اڳڪٿين تي ڌيان نه ڏين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.