لاس ويگاس (ويب ڊيسڪ) سامسنگ هڪ نئون فون متعارف ڪرايو آهي جنهن جي اسڪرين 360 ڊگري گردش ڪري سگهي ٿي ۽ ان جي ڊسپلي کي اندر ۽ ٻاهر ٻنهي طرف موڙي سگهجي ٿو.
آمريڪي ميگزين دي ورج جي رپورٽ موجب ڪمپني سامسنگ ڊسپلي پنهنجي نئين پروٽوٽائپ ڊسپلي ۽ هنچ کي لاس ويگاس ۾ ٿيندڙ ٽيڪنالاجي ايونٽ CES 2023 ۾ پيش ڪيو.
ڪمپني موجب، ‘فليڪس ان ۽ آئوٽ’ ڊسپلي کي مڪمل 360 درجا رينج ۾ اندر ۽ ٻاهر ٻنهي طرف فولڊ ڪري سگهجي ٿو.
هن نئين ’واٽر ڊراپ‘ جي ڊيزائن سامسنگ جي گليڪسي فولڊ ماڊلز ۾ استعمال ٿيل ڊزائن کان مختلف نظر اچي ٿي جيڪا آگسٽ 2022 کان وڪرو ٿي.
سامسنگ شايد پنهنجي ايندڙ گليڪسي زيڊ فولڊ 5 ماڊل لاءِ هڪ نئون ڊسپلي آڻي رهيو آهي ان ڏس ۾ ڪورين سائيٽ ‘نيور’ طرفان هن هفتي جي شروعات ۾ هڪ رپورٽ پيش ڪئي وئي ته نئين ڊيوائس ۾ ڊزائن ۾ تبديلي ٿي سگهي ٿي.
هي فون هڪ روايتي-سائيز اسمارٽ فون آهي جيڪو هڪ وڏي ٽيبليٽ جي سائز واري اسڪرين ۾ ڪتاب وانگر کولي سگهبو.
ڪمپني گذريل سال چيو هو ته اها پنهنجي واهپيدارن کان ’ٻڌڻ ۽ سکڻ‘ جاري رکندي ته جيئن فولڊ ايبل اسمارٽ فونز کي مين اسٽريم بڻايو وڃي.
سامسنگ چيو ته اهي ڊوائيس الٽرا پريميئم سمارٽ فون ڪيٽيگري جو حصو هونديون جيڪي ايندڙ سالن ۾ ماڻهو وڏي پئماني تي استعمال ڪري سگهندا.
ڪمپني جي فولڊ ايبل ڊوائيسز جا ايندڙ ماڊل هن سال آگسٽ ۾ متعارف ڪرايا ويندا.