کنڀجڻ جي خوف سبب اسان ٻارن کي يونيورسٽي ناهيون موڪليندا: اسلم رئيساڻي

 

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي چيو آهي ته 9000 ٻار، پوليٽيڪل ايڪٽيويسٽ گم آهن، اسان خوف سبب ٻارن کي يونيورسٽي ناهيون موڪليندا ته متان کنڀجي وڃن.

ڪوئيٽا ۾ قومي ڊائلاگ ڪانفرنس سان خطاب ڪندي اسلم رئيساڻي چيو ته 1948 کانپوءِ شروع ٿيندڙ مسئلو اڄ تائين آهي، اسلام آباد وارا ان مسئلي کي محسوس ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

هن چيو ته بلوچستان ۾ گهرو ويڙهه جو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن چيو وڃي رياست ماءُ هوندي آهي  ته ماءُ ائين ته ناهي ڪندي.

سندس چوڻ هو ته اسان بلوچن، سنڌين، پٺاڻن، پنجابين سڀني مظلومن جا ايجنٽ آهيون، اسان مضبوط وفاق جي ڳالهه ڪندا آهيون، ايڪا مضبوط ٿيندا ته وفاق مضبوط ٿيندو، اهو ڏسڻو آهي ته ڇا اسان وٽ اختيار آهي ته پاڪستان جو نئون تصور ڪري سگهون؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.